Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 3:10 - Hindu Sindhi Bible

10 جيئن تہ هن گھڻن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، تنهنڪري جن کي بہ بيماري هئي سي کيس هٿ لائڻ لاءِ هڪٻئي کي ڌِڪيندا اڳتي وڌن پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو هن گهڻن کي ڇُٽايو هو، تنهنڪري جيڪي بہ ماڻهو مرض ۾ گرفتار هئا، سي کيس ڇهڻ لاءِ مٿس پئي ڳاهٽ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جيئن تہ هن گھڻن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، تنهنڪري جن کي بہ بيماري هئي سي کيس هٿ لائڻ لاءِ هڪٻئي کي ڌِڪيندا اڳتي وڌن پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 جيئن تہ ھن گھڻن ماڻھن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ھو، تنھنڪري جن کي بہ بيماري ھئي سي کيس ھٿ لائڻ لاءِ ڏاڍا آتا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 3:10
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يسوع کي فريسين جي سازشن جي سڌ پيئي تہ هو اتان روانو ٿي ويو. گھڻا ئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي پيا. انهن ۾ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي هن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو


جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لٿو تہ هن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، سو اچي انهن جي بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيائين.


ماڻهن منٿ ڪيس تہ ”اوهين رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ تڏهن جن بہ هٿ لاتس سي چڱا ڀلا ٿي ويا.


يسوع گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.


تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي، سو خوش ٿيءُ جو هاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“


يسوع ڳوٺن، شهرن ۽ واهڻن ۾ جتي بہ ويو پئي تہ اتي ماڻهن پنهنجا بيمار چونڪن ۾ آڻي ٿي رکيا ۽ کيس منٿ ٿي ڪيائون تہ ”مهرباني ڪري بيمار کي رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ پوءِ جن بہ هٿ لاتس پئي سي سڀ چڱا ڀلا ٿي پئي ويا.


پوءِ هو بيت‌صيدا ۾ آيا. اتي ڪي ماڻهو هڪ انڌي کي يسوع وٽ وٺي آيا ۽ منٿون ڪيائونس تہ ”هن کي هٿ لايو.“


سو يسوع انهن مان هڪڙيءَ ۾ چڙهي پيو، جيڪا شمعون جي هئي. هن شمعون کي ڪناري کان ٿورو پرڀرو ٻيڙي ڌِڪڻ لاءِ چيو، جتي ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺي هو ميڙ کي سکيا ڏيڻ لڳو.


سڀني ماڻهن اها ئي پئي ڪوشش ڪئي تہ کيس هٿ لائين، ڇاڪاڻ تہ منجھانئس اهڙي شڪتي پئي نڪتي، جنهن سان سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا پئي ٿيا.


اتي رومي فوج جي هڪ صوبيدار جو نوڪر بيمار هو ۽ مرڻ تي هو. اهو نوڪر صوبيدار کي ڏاڍو پيارو هو.


انهيءَ گھڙيءَ يسوع گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو پئي ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو پئي ڪيائين.


سنتن جا چمتڪار ڏسي ماڻهو بيمارن کي گھٽين ۾ آڻي کٽولن ۽ تڏن تي رکڻ لڳا تہ جڏهن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انهن مان ڪن تي پوي.


ڏس، پرميشور جنهن سان پريم ٿو رکي، تنهن کي سيکت بہ ڏئي ٿو، ۽ جنهن کي پنهنجو ٻار ٿو بڻائي، تنهن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ