Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:7 - Hindu Sindhi Bible

7 ”هي ماڻهو ائين ڇو ٿو چوي؟ هي تہ ايشور جي نندا ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ پاپ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تہ هي ماڻهو ائين ڇو ٿو چوي؟ هي تہ ڪفر ٿو بڪي: هڪڙي خدا کانسواءِ ٻيو ڪير گناهہ معاف ڪري ٿو سگهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ”هي ماڻهو ائين ڇو ٿو چوي؟ هي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇاڪاڻ تہ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناهہ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ”ھي ماڻھو ائين ڇو ٿو چوي؟ ھي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇالاءِ⁠جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”هن شخص ايشور جي نندا ڪئي آهي. بس! هاڻي اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن، ڇو تہ اوهان پاڻ هن جا ايشور جي نندا وارا لفظ ٻڌا آهن.


تنهن تي ڪي نيم شاستري سوچڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو تہ ايشور جي نندا ٿو ڪري.“


هن جا ايشور جي نندا وارا لفظ اوهان پاڻ ٻڌا آهن. سو هاڻي اوهان جو ڪهڙو فيصلو آهي؟“ تنهن تي انهن سڀني فيصلو ڏيندي چيو تہ ”هي موت جي سزا جي لائق آهي.“


اتي ئي ڪي نيم شاستري بہ ويٺا هئا، جيڪي اهو ٻڌي پنهنجين دلين ۾ دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ


يسوع هڪدم انهن جي دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوهين پنهنجين دلين ۾ اهڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟


تنهن تي نيم شاستري ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”هي تہ ايشور جي نندا ٿو ڪري! ايشور کان سواءِ ٻيو ڪوبہ پاپ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“


تڏهن جن يسوع سان گڏ کاڌو پئي سي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو پاپ بہ معاف ٿو ڪري؟“


تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ جي ڪري نہ، پر ايشور جي نندا ڪرڻ ڪري سنگسار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ تون انسان ٿي ڪري پاڻ کي ايشور سڏين ٿو.“


سو جڏهن پتا پاڻ مون کي مخصوص ڪيو آهي ۽ هن سنسار ۾ موڪليو اٿس، تہ پوءِ اوهين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ايشور جي نندا ڪئي آهي جو چيو اٿم تہ ’آءٌ ايشور جو پٽ آهيان‘؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ