Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:25 - Hindu Sindhi Bible

25-26 يسوع چين تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ اهو نہ پڙهيو آهي تہ سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو هو، تڏهن دائود ڇا ڪيو هو؟ هو ايشور جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ ڀيٽا وارا روٽ کڻي پاڻ بہ کاڌائين ۽ پنهنجي ساٿين کي بہ ڏنائين، جيتوڻيڪ اُهي روٽ ڪاهنن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ کائڻ جائز نہ هئا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 انهن کي چيائين تہ اوهان ڪڏهن پڙهيو نہ آهي ڇا، تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي گهرج پيئي، ۽ بک لڳي هين، تڏهن ڇا ڪيو هئائون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25-26 عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ اهو نہ پڙهيو آهي تہ سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو هو، تڏهن دائود ڇا ڪيو هو؟ هو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ نذراني وارا روٽ کڻي پاڻ بہ کاڌائين ۽ پنهنجي ساٿين کي بہ ڏنائين، جيتوڻيڪ اُهي روٽ ڪاهنن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ کائڻ جائز نہ هئا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوھان اھو نہ پڙھيو آھي تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو ھو، تڏھن دائود ڇا ڪيو ھو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:25
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”اوهان پوِتر شاستر نہ پڙهيو آهي ڇا؟ انهيءَ ۾ لکيل آهي تہ ايشور انسان کي شروعات کان وٺي نر ۽ ناري ڪري پيدا ڪيو


تنهنڪري انهن يسوع کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اهو نہ ٿو ٻڌين جيڪو هو چون پيا؟“ يسوع کين وراڻيو تہ ”هائو. ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ نہ پڙهيو آهي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنهنجي مهما ڪرائي آهي.‘“


يسوع انهن کي چيو تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ ڪڏهن اهو نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي. اهو پرميشور جي طرفان ڪيو ويو آهي، اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“


مري ويلن جي جيوت ٿيڻ بابت جيڪي ايشور اوهان کي فرمايو آهي، سو اوهان ڪين پڙهيو آهي ڇا؟


جيئن تہ يسوع چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون وِرت ۾ گذاريو هو، تنهنڪري کيس ڏاڍي بک لڳي هئي.


هڪڙا ست ڀائر هئا، پهرئين شادي ڪئي ۽ بي‌اولاد مري ويو.


مري ويلن جي جيوت ٿي اٿڻ بابت اوهان موسيٰ جي شاستر ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا تہ ڪيئن ايشور موسيٰ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابرهام جو ايشور، اضحاق جو ايشور ۽ يعقوب جو ايشور آهيان.‘


تنهن تي فريسين يسوع کي چيو تہ ”ڏسو، اوهان جا چيلا اهو ڪم ڇو ٿا ڪن جيڪو سبت جي ڏينهن تي جائز نہ آهي؟“


تنهن تي يسوع چيس تہ ”نيم شاستر ۾ ڇا لکيل آهي؟ تون اهو پڙهي ڇا ٿو سمجھين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ