Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:18 - Hindu Sindhi Bible

18 هڪڙي دفعي جڏهن يوحنا جا چيلا ۽ فريسي وِرت سان هئا تہ ڪي ماڻهو يسوع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”يوحنا جا چيلا ۽ فريسي تہ وِرت رکن ٿا پر اوهان جا چيلا ڇو نہ ٿا رکن؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 هاڻي يوحنا جا شاگرد ۽ فريسي روزائتا هئا: تن اچي چيس تہ ڪهڙو سبب آهي جو يوحنا جا شاگرد ۽ فريسين جا شاگرد روزا ٿا رکن، پر تنهنجا شاگرد روزو ڪو نہ ٿا رکن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هڪڙي دفعي جڏهن يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي روزي سان هئا تہ ڪي ماڻهو عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي تہ روزا رکن ٿا پر اوهان جا شاگرد ڇو نہ ٿا رکن؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ھڪڙي دفعي جڏھن يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي روزي سان ھئا تہ ڪي ماڻھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ اچي پڇيائونس تہ ”يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي تہ روزا رکن ٿا پر اوھان جا شاگرد ڇو نہ ٿا روزا رکن؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:18
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا سو رڳو ڏيکاءَ لاءِ ٿا ڪن. انهيءَ لاءِ هو آيتن سان ڀريل وڏيون وڏيون پٽيون نرڙ ۽ ٻانهن تي ٻڌن ٿا ۽ جبن تي وڏا وڏا جھالردار ڦُندڻ بہ لڳائين ٿا.


”جڏهن اوهين وِرت رکو تہ پاکنڊين وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهن لٿل جو ڏيکاءُ انهيءَ لاءِ ٿا ڪن، تہ جيئن ماڻهو ڏسن تہ هنن وِرت رکيو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو آهي.


تہ جيئن ماڻهو نہ، بلڪ اوهان جو پتا جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي سو اوهان کي وِرت سان سمجھي. تڏهن اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي لاڀ ڏيندو.“


يسوع انهن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جي موجودگيءَ ۾ ڄاڃي وِرت رکي سگھن ٿا؟ هرگز نہ! جيستائين گھوٽ انهن سان گڏ آهي، تيستائين کين وِرت رکڻ جي ضرورت ناهي.


آءٌ هفتي ۾ ٻہ ڏينهن وِرت ٿو رکان ۽ پنهنجي سڄي ڪمائيءَ جو ڏهون حصو تنهنجي نالي تي ٿو ڏيان.‘


تہ ماڻهو ڪهڙيءَ طرح ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. سو هو نيم وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ائين هو ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ جو صحيح رستو اختيار نہ ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ