Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:17 - Hindu Sindhi Bible

17 يسوع هي ٻڌي کين وراڻيو تہ ”چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي. سو آءٌ نيڪن کي نہ، بلڪ پاپين کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 يسوع اها ڳالهہ ٻڌي هنن کي چيو، تہ جيڪي چڱا ڀلا آهن تن کي طبيب جي گهرج ڪانهي، پر جيڪي بيمار آهن تن کي آهي: آئون سچارن کي نہ، پر گنهگارن کي سڏڻ آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 عيسيٰ هي ٻڌي کين وراڻيو تہ ”چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي. سو آءٌ نيڪن کي نہ، بلڪ گنهگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 عيسيٰ ھي ٻڌي ورتو ۽ چيائين تہ ”چڱن ڀلن کي نہ بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج ھوندي آھي. آءٌ نيڪن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:17
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آڪاش ۾ هنن جا دوت هر وقت منهنجي آڪاش واري پتا جي شرڻ ۾ حاضر رهن ٿا.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح ايشور جي دوتن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ پاپي توبهہ ٿو ڪري.“


پر هن پنهنجي پتا کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ هڪ داس وانگر اوهان جي سيوا ڪندو رهيو آهيان ۽ ڪڏهن بہ اوهان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، پر اوهان ڪڏهن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنهنجي سنگتين سان موجون ماڻيان.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح هڪ پاپي جيڪو توبهہ ٿو ڪري، ان لاءِ آڪاش تي وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انهن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبهہ جي ضرورت نہ آهي.“


تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين انهن منجھان آهيو جيڪي ماڻهن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر ايشور اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو ايشور جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو آهي.“


منش‌پتر انهن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي جيڪي ڀَٽڪي ويا آهن.“


تنهن تي انهن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي پاپن ۾ آهين ۽ هاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ انهن کيس ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي.


تڏهن اتي موجود فريسين مان ڪن اهي ڳالهيون ٻڌي پڇيس تہ ”ڇا اسين بہ انڌا آهيون؟“


يهودين توڙي غير قوم وارن ٻنهي کي تاڪيد ڪيو اٿم تہ اهي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪري ايشور ڏانهن ڦرن ۽ اسان جي پرڀو يسوع تي وشواس آڻين.


پهريائين دمشق، پوءِ يروشلم شهر سميت يهوديہ جي سڄي علائقي ۽ غير قومن ۾ پڻ مون اهو پرچار ڪيو تہ اهي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪري ايشور ڏانهن ڦرن ۽ اهڙا ڪم ڪن جن مان سڌ پوي تہ هنن سچ پچ توبهہ ڪئي آهي.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پوِتر ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ