Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:1 - Hindu Sindhi Bible

1 ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ يسوع وري ڪفرناحوم ۾ موٽي آيو. سندس گھر اچڻ جي خبر چوڌاري پکڙجي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ جڏهن وري هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن هل پئجي ويو تہ هو گهر آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ وري ڪفرناحوم ۾ موٽي آيو. سندس گھر اچڻ جي خبر چوڌاري پکڙجي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ڪن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ ڪفرناحوم ۾ وري موٽي آيو ۽ اھا خبر پکڙجي ويئي تہ ھو گھر ۾ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ناصرت ۾ نہ رهيو پر وڃي ڪفرناحوم شهر ۾ رهيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي بني اسرائيل جي زبولون ۽ نفتالي قبيلن جي حدن اندر آهي.


يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ پار ڪري پنهنجي شهر ڪفرناحوم موٽي آيو.


پر هن وڃي اها ڳالهہ جتي ڪٿي ٻڌائي ڇڏي، جيڪا ايتري تہ پکڙجي ويئي جو پوءِ يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو. پر هو ٻاهر ويران جاين ۾ ٿي رهيو جتي سڀني هنڌن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.


سو ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيهڻ جي جاءِ ڪانہ هئي. جڏهن يسوع انهن کي سنديش پئي ڏنو


پوءِ يسوع هڪ گھر ۾ آيو. اتي بہ ايتري تہ خلق اچي مڙي جو يسوع ۽ سندس چيلن کي رسوئي کائڻ جي بہ واندڪائي نہ پئي ملي.


جڏهن يسوع ميڙ کي ڇڏي گھر پهتو تہ سندس چيلن انهيءَ مثال بابت پڇيس.


پوءِ يسوع اتان اُٿي صور شهر جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو ۽ اچي هڪڙي گھر ۾ رهيو. هن جي مرضي هئي تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي سندس اچڻ جي سڌ نہ پوي، پر اها ڳالهہ لڪي نہ سگھي.


جڏهن يسوع گھر پهتو تہ سندس چيلن اڪيلائيءَ ۾ پڇيس تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“


تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين ضرور اها چوڻي مون کي چوندا تہ ’حڪيم! پاڻ کي تہ ڇٽاءِ‘ ۽ هيئن بہ چوندا تہ ’هتي پنهنجي ديس ۾ بہ ائين ئي ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم شهر بابت ٻڌون ٿا.‘


سو ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگي ماڻهوءَ کي کٽولي تي کڻي آيا ۽ ڪوشش پئي ڪيائون تہ هن کي گھر جي اندر کڻي اچي يسوع جي اڳيان رکن.


هن جڏهن ٻڌو تہ يسوع يهوديہ کان گليل ۾ آيو آهي، تڏهن هو يسوع وٽ آيو ۽ وينتي ڪيائينس تہ ”مهرباني ڪري هلي منهنجي پٽ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو مرڻ تي آهي.“


انهن جڏهن اهو آواز ٻڌو تہ اهي وڏي ميڙ جي صورت ۾ اچي گڏ ٿيا. هو سڀيئي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ انهن کي ڳالهائيندي ٻڌو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ