Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 16:1 - Hindu Sindhi Bible

1 سبت جي ڏينهن پوري ٿيڻ تي سج لهڻ کان پوءِ مريم مگدليني، يعقوب جي ماتا مريم ۽ سلوميءَ خوشبودار شيون خريد ڪيون تہ جيئن يسوع جي لاش کي هڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 جڏهن سبت جو ڏينهن گذري ويو، تڏهن مريم مگدليني ۽ يعقوب جي ماءُ مريم، ۽ سلومي، سرهاڻيون خريد ڪيون، انهي لاءِ تہ هن کي وڃي مکين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 سبت جي ڏينهن پوري ٿيڻ تي سج لهڻ کان پوءِ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ خوشبودار شيون خريد ڪيون تہ جيئن عيسيٰ جي لاش کي هڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 جڏھن سبت جو ڏينھن پورو ٿيو تہ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ کٿوري خريد ڪئي تہ عيسيٰ جي ميت کي خوشبوءِ ھڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 16:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع جڏهن بيت‌عنياہ ۾ ڪوڙهہ جهڙي مرض واري شمعون جي گھر رسوئي کاڌي پئي، تہ هڪڙي ناري سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ خالص جٽاماسيءَ جو قيمتي عطر کڻي آئي ۽ عطرداني ڀڃي عطر يسوع جي مٿي تي هاريائين.


هن ناريءَ کان جيڪو ڪجھہ ٿي سگھيو سو هن ڪيو. هن منهنجي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي منهنجي شرير تي خوشبوءِ ڇٽڪائي آهي.


اُتي ڪي ناريون بہ بيٺيون هيون، جيڪي پري کان ڏسي رهيون هيون. انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماتا مريم ۽ سلومي پڻ شامل هيون.


شام ٿي چڪي هئي ۽ اها شام سبت جي ڏينهن کان اڳئين تياريءَ جي ڏينهن جي هئي.


مريم مگدليني ۽ يوسيس جي ماتا مريم اهو هنڌ ڏٺو پئي جتي لاش کي رکيو ٿي ويو.


پوءِ آچر جي ڏينهن صبح جو سوير سج اُڀرڻ مهل اهي قبر تي اچي پهتيون.


تڏهن اهي قبر کان ٻاهر نڪري وٺي ڀڳيون ۽ جيئن تہ ڊپ وچان کين ڏڪڻي ۽ دهشت وٺي ويئي هئي، سو انهن ڪنهن سان بہ نہ ڳالهايو.


اهو جمعي جو ڏينهن، يعني يهودين جي تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ سبت شروع ٿيڻ وارو هو.


پوءِ هو گھر واپس ويون ۽ لاش لاءِ سرهاڻيون ۽ عطر تيار ڪيائون. تڏهن هنن نيم جي حڪم موجب سبت جي ڏينهن آرام ڪيو.


اهي ناريون آچر جي ڏينهن پرهہ ڦُٽيءَ جو سوير پنهنجيون تيار ڪيل اهي سرهاڻيون پاڻ سان کڻي قبر تي آيون.


يسوع جي سوليءَ جي ڀرسان سندس ماتا، ماسي، ڪلوپاس جي پتني مريم ۽ مريم مگدليني بيٺيون هيون.


اهو تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ ايندڙ ڏينهن يهودين لاءِ خاص سبت جو ڏينهن هو. تنهنڪري يهودي اڳواڻن نہ ٿي چاهيو تہ لاش سولين تي ٽنگيل رهن. سو انهن پلاطس کي وينتي ڪئي تہ ”سوليءَ وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن تہ جيئن جلدي مري وڃن ۽ پوءِ لاش سولين تان لاٿا وڃن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ