Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 15:43 - Hindu Sindhi Bible

43 تڏهن يوسف نالي ارمٿيا جو هڪ شخص، جيڪو يهودي پئنچائت جو هڪ مانوارو ڪارڪن هو ۽ پاڻ ايشور جي راڄ جي انتظار ۾ هو، سو همت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ وينتي ڪري کانئس يسوع جو لاش گھريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 تڏهن ارمتيہ وارو يوسف آيو، جو هڪڙو معزز مشير هو، ۽ پاڻ خدا جي بادشاهت جو منتظر هو؛ اُهو همت ڪري اندر گهڙي پلاطس وٽ ويو، ۽ يسوع جو لاش گهُريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 تڏهن يوسف نالي ارمٿيا جو هڪ شخص، جيڪو يهودي ڪائونسل جو هڪ معزز ڪارڪن هو ۽ پاڻ خدا جي بادشاهيءَ جي انتظار ۾ هو، سو همت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عرض ڪري کانئس عيسيٰ جو لاش گھريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

43 تڏھن ارمٿيا جو ھڪ شخص يوسف آيو جو ڪائونسل جو ھڪ معزز ميمبر ھو ۽ پاڻ خدا جي بادشاھت جو ڳولائو ھو. اھو ھمت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش وٺڻ لاءِ عرض ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 15:43
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“


يسوع وڌيڪ چيو تہ ”اهڙيءَ طرح جيڪي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا.“


جڏهن شام ٿي تہ يوسف نالي يسوع جو هڪ چيلو اچي پهتو، جيڪو ارمٿيا جو رهاڪو ۽ شاهوڪار ماڻهو هو.


پطرس بہ يسوع جي ٿورو پٺيان پٺيان ايندي وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ اچي پهتو. اُتي هو پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو ۽ پاڻ کي باهہ تي سيڪڻ لڳو.


پلاطس کي حيرت وٺي ويئي تہ يسوع ايترو جلد ڪيئن مري ويو. هن هڪ فوجي صوبيدار کي گھرائي کانئس پڇيو تہ ”ڇا يسوع ايترو جلدي مري چڪو آهي؟“


تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پوِتر آتما سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري.


اها ناري بہ انهيءَ ئي وقت وٽن آئي ۽ ايشور جو شڪر ڪرڻ لڳي. پوءِ هن انهيءَ ٻار بابت انهن سڀني سان ڳالهيون ڪيون جيڪي ايشور طرفان يروشلم جي آزاديءَ لاءِ واجھائي رهيا هئا.


اتي يوسف نالي هڪڙو شخص هو، جيڪو يهوديہ جي شهر ارمٿيا جو رهاڪو هو. هو يهودي پئنچائت جو نيڪ ۽ مانوارو ڪارڪن هو ۽ ايشور جي راڄ جي انتظار ۾ هو. پئنچائت جي ڪارڪن هوندي بہ هو انهن جي راءِ ۽ عمل ۾ شريڪ نہ ٿيو هو.


تنهن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يهودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح يسوع جو چيلو هو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس وينتي ڪيائين تہ ”مون کي يسوع جو لاش کڻي وڃڻ جي آگيا ڏيو.“ پلاطس کيس آگيا ڏني. پوءِ هن وڃي لاش کنيو.


تنهن تي يهودين انطاڪيا شهر جي چڱن مڙسن ۽ ايشور ڀڳت مانوارين نارين کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس خلاف وڏو فساد کڙو ڪرايو. انهيءَ طرح کين پنهنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


تنهنڪري انهن مان گھڻن ئي يسوع مسيح تي وشواس آندو. يونانين مان بہ ڪيترن ئي مردن توڙي مکيہ نارين وشواس آندو.


ان کان علاوہ منهنجي قيد هجڻ ڪري گھڻن وشواسين جو پرڀو يسوع ۾ ڀروسو ايتري قدر وڌي ويو آهي جو اهي وڌيڪ همت ۽ بي‌خوفيءَ سان مسيح بابت سنديش ٻڌائين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ