Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 15:32 - Hindu Sindhi Bible

32 هاڻي ڏسون تہ هي مسيح، بني اسرائيل جو راجا، ڪيئن ٿو سوليءَ تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس وشواس آڻيون.“ يسوع سان گڏ جيڪي ماڻهو سوليءَ تي چڙهيل هئا، تن بہ مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 هاڻ ڀلي مسيح، اسرائيل جو بادشاهہ، صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ اسين ڏسون ۽ ايمان آڻيون. ۽ جي ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيا ويا هئا، تن بہ هن کي طعنا هنيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 هاڻي ڏسون تہ هي مسيح، بني اسرائيل جو بادشاهہ، ڪيئن ٿو صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس ايمان آڻيون.“ عيسيٰ سان گڏ جيڪي ماڻهو صليب تي چڙهيل هئا، تن بہ مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 ھاڻي ڏسون تہ ھي مسيح، اسرائيل جو بادشاھہ، ڪيئن ٿو صليب کان ھيٺ لھي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس ايمان آڻيون.“ عيسيٰ سان گڏ جيڪي ماڻھو صليب تي چڙھيل ھئا، تن بہ مٿس چٿرون ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 15:32
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح ابرهام کان وٺي دائود تائين ڪل چوڏهن پيڙهيون ٿيون، دائود کان وٺي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ تائين بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون ۽ بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان وٺي مسيح تائين وري بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون.


”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا اهو آهي بني اسرائيل جو راجا؟ هاڻي سوليءَ تان لهي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي وشواس آڻيون.


جيڪي ڌاڙيل هن سان گڏ سوليءَ تي چاڙهيا ويا هئا، سي بہ ساڳيءَ طرح کيس گھٽ وڌ ڳالهائين پيا.


انهن سپاهين هن جي مٿان هڪڙي تختي بہ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيل هو تہ ”هي آهي يهودين جو راجا.“


انهن ٻہ ٻيا بہ ماڻهو سوليءَ تي چاڙهيا جيڪي ڌاڙيل هئا، انهن مان هڪڙو سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.


تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي گرو! اوهين تہ ايشور جا پٽ آهيو. اوهين بني اسرائيل جا راجا آهيو.“


سو اهي ميڙ وارا کجيءَ جون ڇڙيون هٿن ۾ کڻي سندس آڌرڀاءَ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ نعرا هڻڻ لڳا تہ ”ايشور جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو، جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! بني اسرائيل جو راجا مبارڪ، مبارڪ!“


پوءِ جيڪڏهن انهن مان ڪن بيوفائي ڪئي تہ ڇا ٿيو؟ ڇا انهن جي بيوفائي ايشور جي وفا کي بيڪار بڻائي سگھي ٿي؟


اهي سچ کان ڀَٽڪي چون ٿا تہ مئلن جو جيوت ٿي اٿڻ اڳي ئي ٿي چڪو آهي. ائين اهي ڪن ماڻهن جو وشواس بگاڙين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ