Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 15:14 - Hindu Sindhi Bible

14 تڏهن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟“ پر هنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پلاطس چين تہ ڇو، هن ڪهڙي برائي ڪئي آهي؟ پر هنن ڏاڍيون رڙيون ڪري چيس، تہ هن کي صليب تي چاڙهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تڏهن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟“ پر هنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ”صليب تي چاڙهيوس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 تڏھن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟“ پر ھنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 15:14
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڃا هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي هو تہ سندس پتنيءَ چوائي موڪليس تہ ”هن نيڪ ماڻهوءَ جي معاملي ۾ هٿ نہ وجھجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.“


هن کين چيو تہ ”هڪ بي‌قصور منهنجي پڪڙائڻ سبب ماريو ٿو وڃي. اهو مون وڏو پاپ ڪيو آهي.“ پر انهن وراڻيس تہ ”اسان جو ان سان ڪهڙو واسطو؟ اهو تہ تنهنجو ئي ڪم آهي، سو تون ئي ڄاڻ.“


فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ يسوع تي پهرو ڏيئي رهيا هئا، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ هيءُ ماڻهو ايشور جو پٽ هو.“


تنهن تي انهن رڙيون ڪري چيو تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“


جيئن تہ پلاطس ماڻهن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو هن برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ يسوع کي ڪوڙا هڻائڻ کان پوءِ سپاهين جي حوالي ڪندي چيائين تہ ”وڃي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻوس.“


پر هو گوڙ ۽ رڙيون ڪندي چوندا رهيا تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس، سوليءَ تي.“


تنهن تي پلاطس سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن کي چيو تہ ”هي مون کي ڪنهن بہ طرح ڏوهاري ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“


اسان کي جيڪا سزا ملي آهي سا حقي واجبي آهي، ڇو تہ اسين پنهنجو ڪيتو پيا لوڙيون، پر هن تہ ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي.“


اهو ڏسي فوجي صوبيدار ايشور جي مهما ڪرڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”بيشڪ هي هڪ نيڪ ماڻهو هو.“


تنهن تي پلاطس چيس تہ ”ڀلا سچ ڇا آهي؟“ پوءِ پلاطس ٻاهر نڪري يهودي اڳواڻن وٽ آيو ۽ کين چيائين تہ ”مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.


جڏهن سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي پهريدارن يسوع کي ڏٺو تہ اهي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن کي سوليءَ تي چاڙهيو، سوليءَ تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوهين پاڻ وٺي وڃي سوليءَ تي چاڙهيوس. مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“


هائو، جيتوڻيڪ انهن کي يسوع جي مارائڻ جو ڪوبہ سبب نہ مليو، تنهن هوندي بہ هنن گورنر پلاطس کي وينتي ڪئي تہ کيس مارائي ڇڏي.


پر جڏهن انهن کي خبر پيئي تہ هي يهودي آهي تڏهن سڀيئي گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳيا ئي نعرا هڻندا رهيا تہ ”اِفسين جي ديوي ارتمس مهان آهي!“


سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پوِتر، بي‌ڏوهہ، بي‌عيب، پاپين کان ڌار ۽ مٿي آڪاش تائين بلند ڪيو ويو هجي.


پر هڪ بي‌عيب ۽ بي‌داغ گھيٽڙي، يعني مسيح جي قيمتي رت سان اوهان کي ڇڏايو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ