Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 15:1 - Hindu Sindhi Bible

1 صبح ٿيندي ئي سردار ڪاهنَ اچي نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين سڀني چڱن مڙسن سان مليا ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيائون. پوءِ هنن يسوع کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ سردار ڪاهنن صبح ٿيڻ شرط بزرگن ۽ فقيهن ۽ سڄي صدر مجلس سان صلاح مشورت ڪئي، ۽ يسوع کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ پلاطس جي حوالي ڪيائونس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 صبح ٿيندي ئي سردار ڪاهنَ اچي شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين سڀني چڱن مڙسن سان مليا ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيائون. پوءِ هنن عيسيٰ کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 سردار ڪاھن صبح جو سوير ئي بزرگن، شريعت جي عالمن ۽ سڄي ڪائونسل سان اچي مليا ۽ پنھنجا منصوبا سٽڻ لڳا. اُھي عيسيٰ کي ٻڌي وٺي ويا ۽ وڃي پلاطس جي حوالي ڪيائونس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 15:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رهي ٿو سو بہ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو. جيڪو ڪنهن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو پئنچائت واري عدالت ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ۽ جيڪو ڪنهن کي چوندو تہ ’اي ڪافر!‘ سو نرڳ جي باهہ ۾ پوڻ جي لائق ٿيندو.


جڏهن ڏينهن ٿيو تہ سردار ڪاهنَ، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ يسوع کي انهن جي پئنچائت اڳيان پيش ڪيو ويو.


ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جي ايشور، هائو، اسان جي وڏن جي ايشور پنهنجي داس يسوع کي مهانتا بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ