Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:65 - Hindu Sindhi Bible

65 پوءِ انهن مان ڪي يسوع کي ٿڪون هڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا هڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”پنهنجي شڪتيءَ سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ پهريدارن بہ کيس چماٽون هنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

65 ۽ ڪي مٿس ٿُڪون وجهڻ ۽ سندس منهن ڍڪڻ، ۽ کيس ٺونشا هڻڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳس تہ نبوت ڪر، ۽ سپاهين چماٽون هڻي هن کي پنهنجي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

65 پوءِ انهن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون هڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا هڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ پهريدارن بہ کيس چماٽون هنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

65 انھن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا ھڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“ پھريدارن کيس چماٽون بہ ھنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:65
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ انهن هن کي ٿڪون هنيون ۽ اهو ئي ڪانو کڻي سندس مٿي تي هڻڻ لڳا.


اهي مٿس ٺٺوليون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا. پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“


ائين چوندي هو کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ هڻندا رهيا، ٿڪون هڻندا رهيا ۽ گوڏن ڀر ويهي سندس اڳيان سيس نوائيندا رهيا.


جڏهن يسوع هي چيو تہ ڀرسان بيٺل پهريدارن مان هڪڙي سندس منهن تي چماٽ هڻي چيس تہ ”وڏي سردار ڪاهن کي ائين ٿو جواب ڏئين!“


پوءِ وٽس ڦري ڦري اچي چوڻ لڳا تہ ”نمسڪار، اي يهودين جا راجا!“ ان کان علاوہ هنن کيس منهن تي چماٽون بہ هنيون.


تنهن تي وڏي سردار ڪاهن حننياہ اتي بيٺل ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”هن کي وات وارو ڌڪ هڻو.“


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين يسوع تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي وشواس جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري سوليءَ جي تڪليف سٺي ۽ ايشور جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ