Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:38 - Hindu Sindhi Bible

38 پوءِ ٽنهي کي چيائين تہ ”جاڳندا رهو ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر شرير ۾ ايتري طاقت ناهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 اوهين جاڳو، ۽ دعا گهُرو، تہ آزمائش ۾ نہ پئو: سچ روح تہ تيار آهي، مگر جسم ضعيف آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 پوءِ ٽنهي کي چيائين تہ ”جاڳندا رهو ۽ دعا گھرندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر بدن ۾ ايتري طاقت ناهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 پوءِ انھن کي چيائين تہ ”جاڳندا رھو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو. سچ پڇو تہ روح تہ گھري ٿو پر جسم ڪمزور آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:38
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري اوهين سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪهڙي ڏينهن اوهان جو پرڀو ايندو.


يسوع وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ ڪري اوهين بہ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي منش‌پتر جي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ جي سڌ نہ آهي.“


جاڳندا رهو ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر شرير ۾ ايتري طاقت ناهي.“


اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


سو هن کين ٻڌايو تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ جاڳندا رهو.“


پوءِ هو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ٽيئي چيلا سمهيا پيا آهن. تڏهن هن پطرس کي سڏي چيو تہ ”اي شمعون! تو کي بہ ننڊ وٺي ويئي ڇا؟ ڇا تون هڪڙي گھڙي بہ جاڳي نہ پيو سگھين؟“


هو وري پرڀرو ويو ۽ ائين ئي پرارٿنا ڪيائين جيئن اڳ ۾ ڪئي هئائين.


انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ منش‌پتر جي آڏو بيهڻ جي سگھہ مليوَ.“


جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي پهتو تہ انهن کي چيائين تہ ”پرارٿنا ڪريو تہ شل اوهين آزمائش ۾ نہ پئو.“


هن انهن کي چيو تہ ”اوهين ڇو ستا پيا آهيو؟ اُٿو ۽ پرارٿنا ڪريو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو.“


سجاڳ رهو، وشواس تي قائم رهو، همت ڌاريو، مضبوط رهو


ڇاڪاڻ تہ انساني فطرت پوِتر آتما جي برخلاف خواهش ڪري ٿي ۽ پوِتر آتما انساني فطرت جي برخلاف. هي ٻئي هڪٻئي جون دشمن آهن. انهيءَ ڪري جيڪي اوهين ڪرڻ چاهيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو.


تنهنڪري اي منهنجا پريميؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل مڪتيءَ جو مقصد پورو ٿئي.


هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن شيطان گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي.


جيئن تہ اوهين منهنجي حڪم مطابق ثابت قدم رهيا آهيو، تنهنڪري آءٌ آزمائش جي انهيءَ گھڙيءَ ۾ اوهان جي سنڀال ڪندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ سڄي سنسار تي اچڻي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ