Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:22 - Hindu Sindhi Bible

22 جڏهن اهي کائين پيا تہ يسوع روٽي کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ چيلن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو شرير آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ اڃا کاڌائون ئي ويٺي، تہ هن ماني کنئي، ۽ برڪت ڏيئي اُها ڀڳائين، ۽ اُنهن کي ڏيئي چيائين، تہ وٺو، هي منهنجو بدن آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جڏهن اهي کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو بدن آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 جڏھن اھي کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، ھي منھنجو بدن آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:22
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ماڻهن کي بہ چيو تہ ”گاهہ تي ويهي رهو.“ تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آڪاش ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ هن روٽيون ڀڃي چيلن کي ڏنيون ۽ هو اهي مڇيءَ سان گڏ ماڻهن کي ڏيندا ويا.


پوءِ هن ٻارن کي هنج ۾ کڻي انهن تي هٿ رکيو ۽ کين آسيس ڪيائين.


منش‌پتر تہ ائين ئي مرندو، جيئن پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي انهيءَ تي جيڪو منش‌پتر کي پڪڙائيندو. انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو سنسار ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“


پوءِ هن مئي جو پيالو کڻي شڪر ڪري اهو بہ کين ڏنو ۽ سڀني اُن مان پيتو.


تڏهن يسوع چين تہ ”اهو منهنجو رت آهي، جنهن سان ايشور جو وچن ٻڌجي ٿو. اهو رت گھڻن ئي جي لاءِ وهائجي ٿو.


تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي هٿن ۾ جھلي آڪاش ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ روٽين جا ٽڪرا ڀڃندو چيلن کي ڏيندو ويو تہ اهي ماڻهن ۾ ورهائين. هن ٻہ مڇيون بہ انهن سڀني ۾ ورهايون.


پوءِ يسوع مئي جو پيالو کڻي ايشور جو شڪر ڪيو ۽ چيو تہ ”اچي، هي وٺو ۽ پاڻ ۾ ورهايو.


پوءِ جڏهن هو انهن سان گڏ رسوئي کائڻ ويٺو تہ روٽي کڻي شڪر ڪيائين ۽ اها ڀڃي کين ڏنائين.


ايتري ۾ تبرياس شهر کان ڪي ٻيڙيون انهيءَ جاءِ جي ويجھو ڪناري تي اچي لڳيون، جتي پرڀو يسوع جي شڪر ادا ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن کي روٽي کارائي ويئي هئي.


جيئن تہ هاجرہ سينا جبل جي مثل آهي، سو ان جي ڀيٽ هاڻوڪي يروشلم شهر سان ڪري سگھجي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اها وسندي پنهنجي ٻارن يعني رهاڪن سميت نيم جي غلاميءَ ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ