Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:21 - Hindu Sindhi Bible

21 منش‌پتر تہ ائين ئي مرندو، جيئن پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي انهيءَ تي جيڪو منش‌پتر کي پڪڙائيندو. انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو سنسار ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ڇالاءِ جو ابن آدم تہ وڃي ٿو، جيئن ڪ سندس بابت لکيل آهي، پر افسوس اُنهي ماڻهوءَ تي آهي، جنهن جي هٿان ابن آدم جهلجي ٿو! اُنهي ماڻهوءَ لاءِ چڱو ٿئي ها جي هو ڄمي ئي نہ ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 ابنِ آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي انهيءَ تي جيڪو ابنِ آدم کي پڪڙائيندو. انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو دنيا ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 ابن⁠آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابن⁠آدم کي پڪڙائيندو. اُن ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:21
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انهيءَ صورت ۾ پوِتر شاستر جي لکت ڪيئن پوري ٿيندي، جنهن ۾ لکيل آهي تہ هيئن ضرور ٿيندو؟“


پر اهو سڀ انهيءَ لاءِ ٿي رهيو آهي تہ جيئن جيڪي ڪجھہ سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي، سو پورو ٿئي.“ تڏهن سڀيئي چيلا يسوع کي ڇڏي ڀڄي ويا.


يسوع وراڻيو تہ ”اُهو اوهان ٻارهن مان ئي آهي، جيڪو مون سان گڏ ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙيندو آهي.


جڏهن اهي کائين پيا تہ يسوع روٽي کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ چيلن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو شرير آهي.“


آءٌ تہ روزانو اوهان وٽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو هئس پر ان وقت تہ اوهان ڪڏهن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر هي انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن پوِتر شاستر جي ڳالهہ پوري ٿئي.“


منش‌پتر لاءِ جيئن پوِتر شاستر ۾ آهي تيئن ئي هو هن سنسار مان وڃي ٿو، پر مصيبت آهي انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ، جنهن جي هٿان هو پڪڙائجي ٿو.“


پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ نيم شاستر، زبور توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


پوءِ جڏهن يسوع ڄاتو تہ هاڻي هر ڳالهہ پوري ٿي چڪي آهي، تڏهن پوِتر شاستر جي لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ هن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آهي.“


اهو سنت جي سيوا واري اها جاءِ وٺي، جنهن تان يهوداہ خارج ٿيو ۽ پنهنجي جاءِ ڏانهن هليو ويو.“


ايشور جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب يسوع کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو.


اهو سچ ثابت ٿيو آهي تہ تنهنجي پوِتر داس يسوع جنهن کي تو مخصوص ڪري مسيح ڪيو، تنهن جي خلاف گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس ۽ گورنر پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن سميت هن شهر ۾ اچي گڏ ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ