Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 13:5 - Hindu Sindhi Bible

5 تنهن تي يسوع انهن کي چوڻ لڳو تہ ”هوشيار رهو، متان ڪو اوهان کي ڀَٽڪائي نہ ڇڏي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 يسوع چوڻ لڳن، تہ خبردار ٿجو متان ڪو اوهان کي گمراهہ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تنهن تي عيسيٰ انهن کي چوڻ لڳو تہ ”هوشيار رهو، متان ڪو اوهان کي گمراهہ نہ ڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 تنھن تي عيسيٰ انھن کي چوڻ لڳو تہ ”خبردار ٿجو، متان ڪو اوھان کي ٺڳي نہ وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 13:5
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ هنن واقعن ٿيڻ لاءِ ڪهڙي نشاني ٿيندي، جنهن مان سڌ پوي تہ برابر وقت اچي پهتو آهي؟“


ڇو تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي ڪيترن ئي ماڻهن کي ڀَٽڪائي ڇڏيندا.


يسوع چين تہ ”هوشيار رهو، متان ڀَٽڪي وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ هر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آهيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اهو وقت اچي پهتو آهي.‘ پر متان انهن جي پيروي ڪئي اٿوَ.


تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، ”بري سنگت سٺيون عادتون بگاڙي ڇڏي ٿي.“


خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿئي ٿو.


خبردار رهجو، متان ڪو ماڻهو انهن اجاين ۽ ڀَٽڪائيندڙ خيالن سان اوهان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جن جو بنياد مسيح تي نہ پر ماڻهن جي روايتن ۽ هن سنسار جي شروعاتي اصولن تي آهي.


مطلب تہ ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي دوکي ۾ نہ اچجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڏينهن تيستائين نہ ايندو، جيستائين ايشور جي خلاف وڏي بغاوت نہ ٿئي ۽ اهو وڳوڙي جنهن جي پڇاڙي بربادي آهي ظاهر نہ ڪيو وڃي.


اي پريميؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو ايشور جي پوِتر آتما طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن وشواس نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن ايشور جي آتما آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو سنسار ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ