Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 13:32 - Hindu Sindhi Bible

32 يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود منش‌پتر جي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ بابت ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي، نہ آڪاش جا دوت ۽ نہ ئي پٽ، رڳو پتا ئي اهو ڄاڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 پر انهي ڏينهن يا اُنهيءَ گهڙيءَ جي ڪنهن کي بہ خبر ڪانهي، نہ آسمان جي ملائڪن کي، نڪي پٽ کي، پر فقط پيءُ کي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود ابنِ آدم جي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ بابت ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي، نہ آسمان جا ملائڪ ۽ نہ ئي فرزند، رڳو پيءُ ئي اهو ڄاڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 ”ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اھو ڏينھن ۽ اھو وقت ڪڏھن ايندو، نہ آسمان جي ملائڪن کي ۽ نہ فرزند کي خبر آھي، رڳو پيءُ کي ئي خبر آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 13:32
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ ڪري اوهين بہ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي منش‌پتر جي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ جي سڌ نہ آهي.“


گھڻي وقت گذرڻ کان پوءِ انهن نوڪرن جو مالڪ موٽي آيو ۽ انهن کان حساب وٺڻ لڳو.


پوءِ اڌ رات جو هُل مچي ويو تہ ’ڏسو، گھوٽ اچي رهيو آهي. ٻاهر اچي سندس آڌرڀاءُ ڪريو.‘


ڌرتي ۽ آڪاش ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


يسوع انهن کي چيو تہ ”وقت ۽ ڏينهن منهنجي پتا پنهنجي اختياريءَ سان مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تن کي ڄاڻڻ اوهان جو ڪم ناهي.


ياد رکو، پرميشور جو ڏينهن چور وانگر اوچتو ايندو. انهيءَ ڏينهن جڏهن آڪاشي شيون سخت باهہ جي ڪري ڳري ناس ٿي وينديون، تڏهن آڪاش وڏي ڪڙڪي سان ختم ٿي ويندا ۽ ڌرتي ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آهي سو سڀ سڙي ناس ٿي ويندو.


هن شاستر ۾ انهن ڳالهين جو بيان آهي، جيڪي يسوع مسيح ظاهر ڪيون. اها آڪاش‌واڻي ايشور هن کي انهيءَ لاءِ ڏني تہ هو پنهنجي داسن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. مسيح پنهنجي دوت جي وسيلي پنهنجي داس يوحنا تي اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون.


تنهنڪري پنهنجو اهو جذبو ياد ڪريو جيڪو اوهان کي سنديش قبول ڪرڻ وقت هو. انهيءَ سکيا تي عمل ڪريو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو. جيڪڏهن اوهين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس. هائو، اوهان کي سڌ ئي ڪانہ پوندي تہ آءٌ ڪهڙي وقت اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ