Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 12:7 - Hindu Sindhi Bible

7 پر انهن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پر اُنهن آبادگارن پاڻ ۾ چيو تہ هي وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، تہ پوءِ ورثو اسان جو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پر انهن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 پر انھن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھي مالڪ جو وارث آھي، اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 12:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هيروديس ڏٺو تہ جوتشين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن جوتشين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.


جڏهن ميوي لهڻ جو وقت ٿيو تہ هن پنهنجا نوڪر انهن باغائين ڏانهن موڪليا تہ سندس ڀاڱي جو ميوو وٺي اچن.


تنهن تي يهودين جي ڌرمي اڳواڻن يسوع کي پڪڙائڻ چاهيو، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ هي مثال يسوع انهن جي خلاف ٻڌايو آهي. پر انهن کي ماڻهن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنهنڪري هو کيس ڇڏي هليا ويا.


هاڻي باقي وڃي سڪيلڌو پٽ بچيو هئس. تنهن کي سڀني کان پوءِ باغائين ڏانهن موڪليائين، جو پڪ هئس تہ هو انهيءَ جو لحاظ ڪندا.


پوءِ انهن هن کي پڪڙي ماري وڌو ۽ سندس لاش کي باغ جي ٻاهران اڇلائي ڇڏيائون.“


ايشور جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب يسوع کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو.


کين چيو تہ ”اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪيو هو تہ يسوع جي نالي تي سکيا نہ ڏيو. پر اٽلندو اوهان سڄي يروشلم ۾ پنهنجي سکيا پکيڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اسان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“


ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو ڪهڙو سنت هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي.


پر هاڻي هن انتم زماني ۾ ايشور اسان سان پنهنجي پٽ جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ