Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 12:37 - Hindu Sindhi Bible

37 سو جيڪڏهن دائود پاڻ مسيح کي ’پرڀو‘ ڪري ٿو سڏي، تہ پوءِ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿي سگھي ٿو؟“ يسوع جون اهي ڳالهيون سڄيءَ خلق خوشيءَ سان پئي ٻڌيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 دائود تہ پاڻ هن کي خداوند ڪري ٿو سڏي، تڏهن ڪيئن هو سندس پٽ ٿيو؟ ۽ عام خلق هن جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٿي ٻڌيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 سو جيڪڏهن دائود پاڻ مسيح کي ’خداوند‘ ڪري ٿو سڏي، تہ پوءِ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿي سگھي ٿو؟“ عيسيٰ جون اهي ڳالهيون سڄيءَ خلق خوشيءَ سان پئي ٻڌيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

37 جيڪڏھن دائود پاڻ ھن کي ’خداوند‘ ڪري ٿو سڏي، تہ ڪيئن مسيح ھن جو اولاد ٿي سگھي ٿو؟“ سڄيءَ خلق عيسيٰ جون ڳالھيون خوشيءَ سان پئي ٻڌيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 12:37
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”ايشور اسان سان.“


انهيءَ وقت يسوع ايشور کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پوِتر ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيوت ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


سردار ڪاهنن ۽ فريسين جڏهن يسوع جا مثال ٻڌا تہ سمجھي ورتائون تہ ”هو اسان بابت ٿو ڳالهائي.“


تنهنڪري انهن ڪوشش ڪئي تہ يسوع کي پڪڙائين، پر کين ماڻهن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن کيس ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ڪري پئي مڃيو.


پر وس ڪونہ ٿي پُڳن، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ آتا هئا.


صبح جو سوير هر ڪو ماڻهو سندس ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ وٽس هيڪل ۾ ايندو هو.


ماڻهن جي وڏي ميڙ جڏهن ٻڌو تہ يسوع بيت‌عنياہ ۾ آهي، تڏهن اهي اوڏانهن ويا. اهي نہ رڳو يسوع کي، بلڪ لعزر کي بہ ڏسڻ ويا، جنهن کي يسوع مئلن مان جيوت ڪيو هو.


اهي ئي ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جو اولاد آهن ۽ شرير جي لحاظ کان مسيح بہ انهن مان ئي آهي. واہ! شل ايشور، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آهي، تنهن جي مهما هميشہ ٿئي. آمين.


انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ ڌرمچاريءَ جو اهو ڀيد مهان آهي، يعني هو شرير ۾ ظاهر ٿيو ۽ پوِتر آتما ۾ سچو ثابت ٿيو. هو دوتن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس پرچار ڪيو ويو. سنسار ۾ مٿس وشواس آندو ويو ۽ مٿي مهان ايشور جي تخت ڏانهن کنيو ويو.


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي سنسار جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي ايشور وشواس ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي راڄ جي انهيءَ وچن ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس پريم رکندڙن سان ڪيو آهي؟


پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”مون يسوع پنهنجو دوت انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ هو وشواسي منڊلين کي انهن ڳالهين جي شاهدي ڏئي. آءٌ راجا دائود جي پيڙهيءَ ۽ خاندان مان آهيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ