Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 12:35 - Hindu Sindhi Bible

35 پوءِ يسوع جڏهن هيڪل ۾ سکيا پئي ڏني تہ هن هڪ سوال ڪيو تہ ”نيم شاستري ڪيئن ٿا چون تہ ’مسيح راجا دائود جو اولاد آهي‘؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 ۽ يسوع هيڪل ۾ تعليم ڏيندي چيو، تہ فقيهہ ڪيئن ٿا چون تہ مسيح ابن دائود آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 پوءِ عيسيٰ جڏهن هيڪل ۾ تعليم پئي ڏني تہ هن هڪ سوال ڪيو تہ ”شريعت جا عالم ڪيئن ٿا چون تہ ’مسيح دائود جو اولاد آهي‘؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 پوءِ جڏھن عيسيٰ ھيڪل ۾ تعليم پئي ڏني تہ ھن ھڪ سوال ڪيو تہ ”شريعت جا عالم ڪيئن ٿا چون تہ ’مسيح دائود جو اولاد آھي؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 12:35
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يسوع انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ هيڪل ۾ ويهي آءٌ روزانو سکيا ڏيندو هئس، پر اتي تہ اوهان مون کي ڪڏهن بہ نہ پڪڙيو.


جڏهن يسوع ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻهو رڙيون ڪندا سندس پٺيان آيا تہ ”اي راجا دائود جا اولاد! اسان تي ديا ڪريو.“


پوءِ يسوع گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ جي علائقي ۾ ۽ اردن درياءَ جي اوڀر پار ويو. اتي بہ ماڻهن جا ميڙ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي دستور موجب هو انهن کي سکيا ڏيڻ لڳو.


پوءِ يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ يروشلم ۾ پهتو. جڏهن هو هيڪل ۾ گھميو پئي تہ سردار ڪاهن، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا.


آءٌ تہ روزانو اوهان وٽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو هئس پر ان وقت تہ اوهان ڪڏهن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر هي انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن پوِتر شاستر جي ڳالهہ پوري ٿئي.“


يسوع هر روز هيڪل ۾ وڃي سکيا ڏيندو هو. سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ بني اسرائيل جي ٻين چڱن مڙسن وجھہ پئي ڳوليو تہ ”ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائي ڇڏيون.“


هڪڙي ڏينهن جڏهن يسوع ماڻهن کي هيڪل ۾ ايشور جي راڄ بابت سکيا ڏيئي رهيو هو ۽ انهيءَ راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار پئي ڪيائين تہ سردار ڪاهن ۽ نيم شاستري يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن سان گڏجي وٽس آيا.


يسوع ڏينهن جو روزانو هيڪل ۾ سکيا ڏيندو هو ۽ رات جو شهر کان ٻاهر وڃي زيتون نالي ٽڪر تي گذاريندو هو.


يسوع وراڻيس تہ ”مون سنسار سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي.


ڇا پوِتر شاستر نہ ٿو چوي تہ مسيح راجا دائود جي پيڙهي مان هوندو ۽ بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جتي دائود پيدا ٿيو هو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ