Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 12:24 - Hindu Sindhi Bible

24 يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ڀليل آهيو جو نہ پوِتر شاستر جون لکتون ٿا ڄاڻو، نڪي وري ايشور جي شڪتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 يسوع انهن کي چيو، تہ اوهان جي گمراهہ ٿيڻ جو اهو سبب نہ آهي ڇا، جو نڪي پاڪ لکيتون ٿا ڄاڻو، نڪي خدا جي قدرت؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ڀليل آهيو جو نہ پاڪ ڪلام جون لکتون ٿا ڄاڻو، نڪي وري خدا جي قدرت.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين ڪيترا نہ ڀليل آھيو، جو نہ اوھين پاڪ لکتون ٿا ڄاڻو ۽ نڪي خدا جي قدرت.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 12:24
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع انهن کي جواب ڏنو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ڀليل آهيو جو نہ اوهين پوِتر شاستر ٿا ڄاڻو، نڪي ايشور جي شڪتي.


يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر ايشور جي وس کان نہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور هر شيءِ تي شڪتيوان آهي.“


هاڻي ٻڌايو تہ جڏهن قيامت ٿيندي ۽ سڀيئي جيوت ٿي اٿندا تہ اُها ناري ڪنهن جي پتني ٿيندي، ڇاڪاڻ تہ ستن ئي هن سان شادي ڪئي هئي؟“


ڏسو، مري ويل جڏهن جيوت ٿي اٿندا تڏهن اهي نہ پرڻبا، نڪي پرڻائبا، بلڪ جيئن آڪاش ۾ دوت آهن تيئن اهي بہ هوندا.


بيشڪ اهڙي ڪابہ ڳالهہ ڪانهي جيڪا ايشور جي شڪتيءَ کان ٻاهر هجي.“


جيتوڻيڪ اڃا تائين چيلا پوِتر شاستر جي اها لکت نہ سمجھي سگھيا هئا تہ مسيح مئلن مان ضرور جيوت ٿي اٿندو.


اوهين پوِتر شاستر انهيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙهو، جو اوهان جو خيال آهي تہ انهيءَ ۾ اوهان کي امر جيون ملندو، جڏهن تہ اهو پوِتر شاستر بہ منهنجي شاهدي ڏئي ٿو.


اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت ايشور جو سنديش وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پوِتر شاستر پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي.


جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي سکيا لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پوِتر شاستر کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي.


۽ اسان وشواسين لاءِ هن جي شڪتي ڪيڏي نہ بي‌انداز آهي. اها شڪتي ايشور جي ساڳي مهان شڪتي آهي


هو پنهنجي انهيءَ شڪتيءَ سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس شرير کي بدلائي پنهنجي مهانتا واري شرير جي روپ جهڙو ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ