Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 11:32 - Hindu Sindhi Bible

32 جڏهن تہ کُليو کُلايو ائين بہ نہ ٿا چئي سگھون تہ ’انسان جي طرفان.‘“ انهيءَ جو سبب هي هو جو ماڻهن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇو تہ ماڻهو يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سچو سنت ڪري مڃين پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 پر جي ٿا چئون تہ ماڻهن کان، تہ خلق کان ڊنا ٿي، ڇالاءِ تہ سڀني يوحنا کي سچ پچ نبي ڪري ٿي سمجهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 جڏهن تہ کُليو کُلايو ائين بہ نہ ٿا چئي سگھون تہ ’انسان جي طرفان.‘“ انهيءَ جو سبب هي هو جو ماڻهن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇو تہ ماڻهو يحيٰ کي سچو نبي ڪري مڃين پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 پر جيڪڏھن ”ماڻھن جي طرفان“ چون پيا تہ ماڻھن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇوتہ ماڻھو يحيٰ کي سچو نبي ڪري مڃين پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 11:32
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا سنديش ڏيندڙ هڪ سنت کي؟ ها تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سنديش ڏيندڙ سنت کان بہ وڏي کي.


سو هيروديس يوحنا کي مارائڻ پئي چاهيو پر عوام کان ڊنو ٿي، ڇاڪاڻ تہ هنن يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ٿي سمجھيو.


تنهنڪري انهن ڪوشش ڪئي تہ يسوع کي پڪڙائين، پر کين ماڻهن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن کيس ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ڪري پئي مڃيو.


تنهن تي اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ڇا چئون؟ جيڪڏهن جواب ۾ چئون ٿا تہ ’ايشور جي طرفان،‘ تہ هو چوندو تہ ’پوءِ اوهان يوحنا جي ڳالهين تي ڇو يقين نہ ڪيو؟‘


تنهنڪري انهن يسوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي سڌ نہ آهي.“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”پوءِ آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ڪريان ٿو.“


تنهن تي يهودين جي ڌرمي اڳواڻن يسوع کي پڪڙائڻ چاهيو، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ هي مثال يسوع انهن جي خلاف ٻڌايو آهي. پر انهن کي ماڻهن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنهنڪري هو کيس ڇڏي هليا ويا.


ڇاڪاڻ تہ هيروديس يوحنا کان ڊڄندو هو جو هن ڄاتو پئي تہ يوحنا هڪ سچار ۽ پوِتر ماڻهو آهي. سو هيروديس کيس بچائيندو رهيو. هيروديس يوحنا جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٻڌندو هو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت هي ڳالهيون کيس پريشان ڪنديون هيون.


انهيءَ گھڙي ئي نيم شاسترين ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ يسوع کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ ”هن اهو مثال اسان تي آندو آهي.“ پر هو ماڻهن کان ڊنا ٿي.


جڏهن تہ سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين وجھہ پئي ڳوليو تہ يسوع کي چپ چاپ ۾ مارائي ڇڏين، ڇو تہ اهي خلق کان ڊنا ٿي.


ڪيترائي ماڻهو وٽس ايندا هئا. هو چوندا هئا تہ ”يوحنا ڪوبہ چمتڪار تہ نہ ڏيکاريو، پر هن ماڻهوءَ بابت جيڪي ڳالهيون هن چيون هيون سي سڀ سچيون نڪتيون.“


سو صوبيدار پنهنجي سپاهين سان وڃي سنتن کي وٺي آيو. سپاهين سنتن سان ڪابہ زبردستي نہ ڪئي، ڇو تہ هو ڊڄن پيا تہ متان ماڻهو کين پٿر هڻن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ