Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:48 - Hindu Sindhi Bible

48 ڪيترن ئي هن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر.“ پر هن تيئن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ ”اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

48 تنهن تي گهڻن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ماٺ ڪر: پر هو پاڻ وڏو واڪو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي ابن دائود، مون تي رحم ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

48 ڪيترن ئي هن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر.“ پر هن تيئن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ ”اي دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

48 ڪيترن ئي ھن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر.“ پر ھن تيئن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ ”اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:48
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ڪي ماڻهو يسوع وٽ پنهنجا ننڍڙا ٻار کڻي آيا تہ جيئن يسوع پنهنجا هٿ انهن تي رکي کين آسيس ڪري، پر چيلن انهن ماڻهن کي ڇينڀيو.


خلق انهن کي ڇڙٻُون ڏنيون تہ ”ماٺ ڪريو.“ پر اهي اڃا بہ وڌيڪ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي سوامي، راجا دائود جا اولاد! اسان تي ديا ڪريو.“


جڏهن يسوع ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻهو رڙيون ڪندا سندس پٺيان آيا تہ ”اي راجا دائود جا اولاد! اسان تي ديا ڪريو.“


ڪن ماڻهن ننڍڙا ٻار يسوع وٽ آندا تہ هو انهن تي هٿ رکي، پر چيلن انهن کي ڇينڀيو.


يسوع اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ يائرس جي گھران ڪي ماڻهو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”اوهان جي ڌيءَ مري ويئي آهي. سو هاڻي گروءَ کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏيو.“


تنهن تي جيڪي اڳيان پئي هليا تن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ”ماٺ ڪر.“ پر هو اڃا بہ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“


پوِتر آتما جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ پرارٿنا ۽ منٿ سان ايشور کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي پرارٿنا ڪندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.


يسوع پنهنجي شرير واري جيون ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري ايشور کي پرارٿنائون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب سان وس هيٺ رهڻ جي ڪري سندس پرارٿنائون قبول پيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ