Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:38 - Hindu Sindhi Bible

38 يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهين ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اُهو پيالو پي سگھندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي؟ يا وري اها بپتسما وٺي سگھندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 پر يسوع چين تہ اوهان کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڇا ٿا گهرو. جيڪو پيالو آئون پيان ٿو، تنهن جي پيئڻ جي اوهان کي طاقت آهي؟ يا جيڪا بپتسما آئون وٺان ٿو، تنهن جي وٺڻ جي طاقت اٿوَ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهين ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اُهو پيالو پي سگھندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي؟ يا وري اها بپتسما وٺي سگھندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوھين ڇا گھُري رھيا آھيو. ڇا اوھين اُھو پيالو پي سگھندا جيڪو مون کي پيئڻو آھي؟ ڇا اوھين اھڙي بپتسما وٺي سگھندا جھڙي نموني مون کي وٺڻي آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:38
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منهن ڀر ڪيرائي پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ”اي منهنجا پتا! جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنهن هوندي بہ منهنجي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.


هن وڌيڪ چيو تہ ”اي پتا! اي منهنجا پتا! تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، سو هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، بلڪ تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي ۽ جيستائين اها پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آهيان.


”اي پتا! جيڪڏهن تون چاهين تہ هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


تنهن تي يسوع پطرس کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اهو پيالو نہ پيئان جيڪو پتا مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آهي؟“


انهيءَ اميد سان گڏوگڏ پوِتر آتما بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿي ڪري. جيئن تہ اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڪهڙي مناسب پرارٿنا ڪريون، سو پوِتر آتما پاڻ بيان کان ٻاهر آهون ڀري ڀري اسان جي سفارش پيئي ڪري.


پر جڏهن اوهين کانئس گھرو بہ ٿا تڏهن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇو تہ اوهين بري نيت سان ٿا گھرو، تہ جيئن پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ