Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:32 - Hindu Sindhi Bible

32 يسوع ۽ سندس چيلا يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا. ان وقت هو چيلن جي اڳيان هلي رهيو هو. اوڏانهن ويندي سندس چيلا ڏاڍا پريشان هئا ۽ جيڪي ماڻهو سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنل هئا. سو هڪ دفعو وري يسوع پنهنجي ٻارهن ئي سنتن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 پوءِ هو يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا، ۽ يسوع سندن اڳيان پئي ويو: ۽ اُهي عجب ۾ هئا؛ ۽ جيڪي سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنا پئي، ۽ هو وري بہ انهن ٻارهن کي وٺي جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون، سي ٻڌائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا. ان وقت هو شاگردن جي اڳيان هلي رهيو هو. اوڏانهن ويندي سندس شاگرد ڏاڍا پريشان هئا ۽ جيڪي ماڻهو سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنل هئا. سو هڪ دفعو وري عيسيٰ ٻارهن ئي شاگردن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يروشلم ڏانھن رستو وٺيو پئي ويا ۽ ھو شاگردن جي اڳيان ھلي رھيو ھو. سندس شاگرد ڏاڍا پريشان ھئا ۽ جيڪي ماڻھو سندن پٺيان پئي آيا سي وري ڊنل ھئا. سو ھڪ دفعو وري عيسيٰ ٻارھن ئي شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالھيون ساڻس ٿيڻيون ھيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت يسوع ايشور کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


يسوع کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آڪاش جي راڄ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ،


تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين سکيا آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“


هو ماڻهن سان مثالن کان سواءِ نہ ڳالهائيندو هو، پر جڏهن چيلن سان اڪيلائپ ۾ هوندو هو تہ کين سڀني ڳالهين جو مطلب سمجھائيندو هو.


پوءِ يسوع چيلن ڏانهن ڦري انهن کي اڪيلائيءَ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آهيو اوهين جو هي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا.


اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ يسوع يروشلم ڏانهن اڳتي وڌڻ لڳو.


جڏهن يسوع جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجھا ٿيا، تڏهن هن يروشلم ڏانهن رخ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.


تنهن تي توما جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، تنهن پنهنجي ساٿي چيلن کي چيو تہ ”اچو تہ اسين بہ هلون تہ جيئن هن سان گڏ هلي مرون.“


تنهن تي چيلن چيس تہ ”اي گرو! اڃا تازو ئي ماڻهو اوهان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ اوهين وري اوڏانهن ٿا هلو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ