Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:24 - Hindu Sindhi Bible

24 هنن لفظن تي چيلا حيران ٿي ويا. سو يسوع هنن کي وري چيو تہ ”اي منهنجا ٻارؤ! ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ شاگرد هن جي ڳالهين تي حيران ٿي ويا، پر يسوع وري ورندي ڏيئي چين، تہ اي ٻارو، جنهن جو ڀروسو دولت تي آهي، تنهن جو خدا جي بادشاهت ۾ گهڙڻ ڪهڙو نہ مشڪل آهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 هنن لفظن تي شاگرد حيران ٿي ويا. سو عيسيٰ هنن کي وري چيو تہ ”اي منهنجا ٻارؤ! خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 ھنن لفظن تي شاگرد حيران ٿي ويا. سو عيسيٰ ھنن کي وري چيو تہ ”اي منھنجا ٻارؤ! خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:24
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن چيلن اهو ٻڌو تہ ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“


تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين سکيا آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“


تڏهن يسوع چوڌاري نهاريندي پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“


فريسي، جن کي دولت سان پيار هو، سي يسوع جون اهي ڳالهيون ٻڌي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.


اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ اوهان سان گھڻو وقت نہ رهندس. اوهين مون کي ڳوليندا، پر جتي آءٌ وڃي رهيو آهيان اتي اچي نہ سگھندا. آءٌ اوهان کي اهو ئي ٻڌايان ٿو، جيڪو مون يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو هو.


پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اي جوانؤ! ڇا اوهان کي ڪجھہ مليو؟“ هنن وراڻيس تہ ”ڪجھہ بہ نہ.“


اهي ڳالهيون ٻڌي سندس چيلن مان ڪيترا ئي چوڻ لڳا تہ ”هيءَ ڳالهہ ڏاڍي ڏکي آهي. اها ڪير ٻڌي سگھندو؟“


اي منهنجا ٻارڙؤ! آءٌ اوهان جي لاءِ ويم ڪندڙ ناريءَ وانگر وري سور محسوس ڪريان ٿو، جيستائين اوهين پوريءَ طرح مسيح جهڙا بڻجي نہ ٿا وڃو.


جيڪي هم‌وشواسي هن انتم زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو ناس ٿيندڙ دولت تي نہ، پر انهيءَ ايشور تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


اي منهنجا پيارا ٻارؤ! آءٌ هي اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان، تہ جيئن اوهين پاپ نہ ڪريو. پر جيڪڏهن ڪو شخص پاپ ڪري ٿو تہ پتا وٽ اسان جي سفارش ڪندڙ هڪڙو مددگار موجود آهي، يعني يسوع مسيح جيڪو خود سچار آهي.


پيارا ٻارؤ! اوهين ايشور جا آهيو ۽ انهن تي سوڀارا ٿيا آهيو جيڪي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان ۾ آهي سو انهيءَ کان وڌيڪ طاقتور آهي جيڪو سنسار ۾ آهي.


سو اي پيارا ٻارؤ! بتن کان پاڻ کي بچائجو.


ڏسو، اوهين چئو ٿا تہ ’اسين دولتمند آهيون ۽ گھڻو مال ملڪيت گڏ ڪيو آهي ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ آهي.‘ پر اوهان کي اها سڌ ڪانهي تہ حقيقت ۾ اوهين بد‌بخت، ڏکيارا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ