Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:23 - Hindu Sindhi Bible

23 تڏهن يسوع چوڌاري نهاريندي پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ يسوع آس پاس نظر ڪري پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ دولتمند ماڻهو خدا جي بادشاهت ۾ ڪهڙي نہ مشڪلات سان داخل ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 تڏهن عيسيٰ چوڌاري نهاريندي پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 عيسيٰ چوڌاري نھاريندي پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”شاھوڪار ماڻھو ڪھڙي نہ مشڪلات سان خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:23
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آڪاش جي راڄ ۾ هرگز داخل ٿي نہ سگھندا.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ايشور جي راڄ کي هڪ ننڍي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو، تيستائين اهو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“


جيئن تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو، سو هن ڳالهہ تي سندس منهن لهي ويو ۽ ڏک وچان هليو ويو.


يسوع کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.


پر هو جاچيندو رهيو تہ اهو ڪم ڪنهن ڪيو.


يسوع ڏٺو تہ هو ڪيتري قدر نہ غمگين ٿي پيو آهي، تڏهن چيائين تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.


تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو پاڻيءَ ۽ پوِتر آتما مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اهو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ياد ڪريو تہ انهيءَ وقت اوهين ڇا هئا، جڏهن ايشور اوهان کي سڏيو. ماڻهن جي نظر ۾ تہ اوهان مان ڪي ٿورا ڏاها، ٿورا طاقتور ۽ ٿورا اميرزادا هئا.


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي سنسار جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي ايشور وشواس ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي راڄ جي انهيءَ وچن ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس پريم رکندڙن سان ڪيو آهي؟


اي بي‌وفا انسانؤ! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ سنسار جي دوستي ايشور سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو ماڻهو سنسار جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي ايشور جو دشمن ٿو بڻائي.


بلڪ اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي امر راڄ ۾ وڏي خوشيءَ سان داخل ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ