Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:22 - Hindu Sindhi Bible

22 جيئن تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو، سو هن ڳالهہ تي سندس منهن لهي ويو ۽ ڏک وچان هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر انهي چوڻ تي هن جي منهن جو پنو ئي لهي ويو، ۽ غمگين ٿي هليو ويو: ڇالاءِ جو هو گهڻي ملڪيت وارو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جيئن تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو، سو هن ڳالهہ تي سندس منهن لهي ويو ۽ ڏک وچان هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 اھو ماڻھو ھن ڳالھہ تي ڏاڍو ڪومائجي ويو ۽ ڏک ۾ ھليو ويو، ڇالاءِ⁠جو ھو وڏو شاھوڪار ماڻھو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:22
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪانڊيرن واري اها زمين جنهن ۾ داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي سنديش تہ ٻڌن ٿا پر هن سنسار جي چنتا ۽ دولت جو فريب سنديش کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي.


جوان مرد جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ غمگين ٿي پيو ۽ هليو ويو، ڇاڪاڻ تہ هو هڪ وڏو شاهوڪار ماڻهو هو.


دغاباز يهوداہ جڏهن ڏٺو تہ يسوع کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، تڏهن هن ڏاڍو پڇتايو ۽ چانديءَ جا اهي ٽيهہ سڪا سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن وٽ موٽائي کڻي ويو.


تڏهن يسوع هن کي چتائي ڏٺو ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ پريم پيدا ٿيو. پوءِ چيائينس تہ ”تو ۾ اڃا هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ دان ڪر. تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو دان ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


تڏهن يسوع چوڌاري نهاريندي پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“


ڇاڪاڻ تہ هيروديس يوحنا کان ڊڄندو هو جو هن ڄاتو پئي تہ يوحنا هڪ سچار ۽ پوِتر ماڻهو آهي. سو هيروديس کيس بچائيندو رهيو. هيروديس يوحنا جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٻڌندو هو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت هي ڳالهيون کيس پريشان ڪنديون هيون.


هن ڳالهہ هيروديس راجا کي ڏاڍو مايوس ڪيو. پر هو کيس انڪار بہ ڪري نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن مهمانن جي روبرو قسم کڻي وچن ڪيو هو.


پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي جيون کي نہ ٿي سنواري.“


اهو ٻڌي هو ڏاڍو غمگين ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو.


حقيقت ۾ اهڙو غم جيڪو ايشور جي مرضيءَ موجب آهي، سو توبهہ پيدا ٿو ڪري جنهن جو نتيجو مڪتي آهي. انهيءَ توبهہ تي ڪنهن کي پڇتائڻو نہ ٿو پوي. انهيءَ جي ابتڙ سنساري غم موت پيدا ٿو ڪري.


ياد رکو تہ ڪوبہ زناڪار يا ڪوبہ حرامڪار يا ڪوبہ لالچي ماڻهو جيڪو بتن جي پوجاريءَ جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ ايشور جي راڄ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.


ڇاڪاڻ تہ ديماس هن سنسار جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ