Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:14 - Hindu Sindhi Bible

14 جڏهن يسوع اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي چيلن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 سو جڏهن يسوع اهو حال ڏٺو، تڏهن ڪاوڙجي هنن کي چيائين تہ ننڍڙن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو؛ ۽ انهن کي منع نہ ڪريو: ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت اهڙن ئي جي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 جڏهن عيسيٰ اهو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 جڏھن عيسيٰ اھو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنھنجن شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ انھن کي نہ جھليو، ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:14
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آڪاش ۾ هنن جا دوت هر وقت منهنجي آڪاش واري پتا جي شرڻ ۾ حاضر رهن ٿا.


ڏسو، آڪاش جي راڄ ۾ سڀ کان وڏو اُهو آهي جيڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر نماڻو ۽ نهٺو ٿو ڪري


يسوع چين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو، انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي.“


سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي آڪاش جي راڄ جون آسيسون ماڻين ٿا.


”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جو راڄ انهن جو آهي.


يسوع کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.


يسوع ڦري چيلن ڏانهن منهن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون ايشور جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“


تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين ايشور جو راڄ ڏسي نہ سگھندو.“


تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو پاڻيءَ ۽ پوِتر آتما مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اهو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.


ايشور جو پوِتر آتما ڏيڻ وارو اهو وچن اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي پرڀو، اسان جو ايشور پاڻ ڏانهن سڏيندو.“


اوهين انهن سنتن جا وارث ۽ انهيءَ ٻڌل وچن جا شريڪ آهيو جيڪو ايشور اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، جيئن هن ابرهام کي چيو تہ ’تنهنجي اولاد جي وسيلي سنسار جي سڀني قومن کي آسيس ملندي.‘


ابرهام ايشور جو چونڊيل هو، تنهنڪري سندس پيڙهي بہ چونڊيل آهي. هائو، ايشور کي ڏنل دان جو پهريون چاڻو پوِتر قرار ڏنو ويو تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پوِتر ٿي ويو يا وڻ جي پاڙ جڏهن مخصوص ڪئي ويئي تہ ان جون ٽاريون بہ مخصوص ٿي ويون.


خوشخبري قبول نہ ڪرڻ جي ڪري بني اسرائيل ايشور جا دشمن ٿيا ۽ اهو اوهان غير قوم وارن لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر جيئن تہ ايشور سندن ابن ڏاڏن کي چونڊيو، تنهنڪري اهي ايشور جا پيارا آهن،


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ وشواسي پتنيءَ جي ڪري غير وشواسي پتي پوِتر ٿئي ٿو ۽ وشواسي پتيءَ جي ڪري غير وشواسي پتني پوِتر ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار اپوِتر هجن ها، پر هاڻي اهي پوِتر آهن.


جيڪڏهن اوهان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ پاپ نہ ڪجو، بلڪ سج لهڻ کان اڳ اوهان جي ڪاوڙ بہ ختم ٿي وڃي.


مون کي تنهنجو سچو وشواس ياد آهي ۽ يقين اٿم تہ تنهنجو وشواس اهو ساڳيو ئي وشواس آهي جيڪو پهريائين تنهنجي نانيءَ لوئس ۽ تنهنجي ماتا يونيڪيءَ جو هو.


۽ ننڍپڻ کان وٺي ايشور جي انهن پوِتر لکتن کان بہ واقف آهين، جيڪي يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان مڪتي حاصل ڪرڻ لاءِ تو کي ڏاهپ ڏيئي سگھن ٿيون.


انهن جي بدران جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير ٿا چاهين، تيئن اوهين بہ ايشور جي فرمانن وارين نج ڳالهين جو چاهہ رکندا تہ انهن جي وسيلي مڪمل مڪتيءَ ڏانهن وڌندا ويندا.


انهن جي واتان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. اهي بي‌عيب آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ