Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:1 - Hindu Sindhi Bible

1 پوءِ يسوع گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ جي علائقي ۾ ۽ اردن درياءَ جي اوڀر پار ويو. اتي بہ ماڻهن جا ميڙ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي دستور موجب هو انهن کي سکيا ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هو اُتان اُٿيو ۽ يهوداہ جي حدن ۾ يردن نديءَ جي پرينءَ ڀر آيو: ۽ وري بہ ماڻهن جو ميڙاڪو وٽس اچي گڏ ٿيو؛ ۽ جيئن سندس عادت هئي تيئن وري بہ انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ عيسيٰ گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ جي علائقي ۾ ۽ اردن درياءَ جي اوڀر پار ويو. اتي بہ ماڻهن جا ميڙ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي دستور موجب هو انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 عيسيٰ اتان اٿي اردن درياءَ جي ٻيءَ ڀر يھوديہ جي حدن ۾ آيو. وري بہ ماڻھن جا ميڙ ھن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنھنجي دستور موجب ھو انھن کي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يسوع انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ هيڪل ۾ ويهي آءٌ روزانو سکيا ڏيندو هئس، پر اتي تہ اوهان مون کي ڪڏهن بہ نہ پڪڙيو.


يسوع گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.


پوءِ يسوع پنهنجي انهن چيلن سميت ڪفرناحوم شهر ۾ آيو جتي سبت جي ڏينهن تي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي سکيا ڏيڻ لڳو.


تڏهن ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ خاطر سوال پڇيائون تہ ”ٻڌاءِ تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“


پوءِ يسوع جڏهن هيڪل ۾ سکيا پئي ڏني تہ هن هڪ سوال ڪيو تہ ”نيم شاستري ڪيئن ٿا چون تہ ’مسيح راجا دائود جو اولاد آهي‘؟


آءٌ تہ روزانو اوهان وٽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو هئس پر ان وقت تہ اوهان ڪڏهن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر هي انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن پوِتر شاستر جي ڳالهہ پوري ٿئي.“


يسوع وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ هن وٽ ماڻهن جو هڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو، جن کي هو سکيا ڏيڻ لڳو.


يسوع مثالن جي ذريعي انهن کي گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو. هن سکيا ڏيندي کين چيو تہ


سبت جي ڏينهن تي هو ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ سکيا ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻهو هن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هن اهي ڳالهيون ڪٿان سکيون آهن؟ ايڏي وڏي دانائي کيس ڪيئن ملي آهي؟ هو اهڙا چمتڪار ڪيئن ٿو ڪري ڏيکاري؟


جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏهن سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا. تنهنڪري هو کين گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.


يسوع موٽي وري اردن درياءَ جي هُن ڀر انهيءَ جاءِ تي ويو، جتي اڳي يوحنا بپتسما ڏيندو هو. هو اتي رهي پيو.


پوءِ هن چيلن کي چيو تہ ”هلو تہ وري يهوديہ ڏانهن هلون.“


يسوع وراڻيس تہ ”مون سنسار سان کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. آءٌ هميشہ ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو رهيو آهيان، جتي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. مون ڳجھيءَ طور ڪابہ ڳالهہ نہ چئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ