Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:8 - Hindu Sindhi Bible

8 آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر هو اوهان کي پوِتر آتما سان بپتسما ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 مون اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏني آهي؛ پر هو اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر هو اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر اھو اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان پاپن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.


يوحنا ماڻهن ۾ پرچار ڪندو هو تہ ”منهنجي پٺيان هڪ اهڙو ماڻهو ٿو اچي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان.


انهن ڏينهن ۾ يسوع گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يوحنا وٽ آيو ۽ يوحنا کيس اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني.


تنهن تي يوحنا انهن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اهو اچڻ وارو آهي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو شڪتيءَ وارو آهي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪهيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آهيان. اهو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.


يوحنا جواب ڏنو تہ ”آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو. پر اوهان منجھہ ڪو اهڙو آهي جنهن کي اوهين نہ ٿا سڃاڻو.


آءٌ تہ کيس سڃاڻي بہ ڪونہ سگھان ها، پر ايشور جنهن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو آهي تنهن مون کي اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو تہ ’تون جنهن ماڻهوءَ تي پوِتر آتما کي لهندو ۽ ويهندو ڏسين، سو ئي اٿيئي جيڪو ماڻهن کي پوِتر آتما سان بپتسما ڏيندو.‘


ڏسو، يوحنا پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي ٿورن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ ڪيل وچن موجب پوِتر آتما سان بپتسما ڏني ويندي.“


مسيح تي وشواس رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ ايشور جي مهما ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ ايشور پنهنجي بخشش، يعني پوِتر آتما غير قومن تي بہ پرگھٽ ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ


’پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ پنهنجي آتما سڀني ماڻهن تي پرگھٽ ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو سنديش ٻڌائيندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ درشن ڏسندا.


اهي سڀيئي پوِتر آتما سان ڀرجي ويا ۽ انهيءَ جي شڪتيءَ سان ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا.


جيتوڻيڪ اسين ڪي يهودي، ڪي غير يهودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد هئاسين، تہ بہ اسان سڀني کي هڪڙي ئي پوِتر آتما جي وسيلي هڪڙي شرير ٿيڻ لاءِ بپتسما ملي ۽ اها هڪڙي ئي پوِتر آتما اسان سڀني کي پيئاري ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ