Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:5 - Hindu Sindhi Bible

5 تڏهن يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم جا بہ تمام گھڻا ماڻهو نڪري يوحنا وٽ آيا. انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ يهوديہ جي ساري ملڪ جا ماڻهو، ۽ يروشلم جا سڀ رهاڪو وٽس ويا؛ ۽ پنهنجا گناهہ باسي يردن نديءَ ۾ کانئس بپتسما ورتائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم جا بہ تمام گھڻا ماڻهو نڪري يحيٰ وٽ آيا. انهن پنهنجا گناهہ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 يروشلم شھر بلڪ يھوداہ علائقي جا تمام گھڻا ماڻھو نڪري يوحنا وٽ آيا. انھن پنھنجا گناھہ باسيا ۽ يحيٰ کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو وڏا وڏا ميڙ سندس پويان پئي هليا، جيڪي گليل ۽ دڪاپلس جي علائقن، يروشلم بلڪ سڄي يهوديہ ۽ اردن جي پرينءَ ڀر واري علائقي کان آيل هئا.


تنهنڪري ئي تہ يوحنا رڻ‌پٽ ۾ ظاهر ٿيو هو. هو ماڻهن کي بپتسما ڏئي پيو ۽ پرچار ڪري پيو تہ ”پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ ايشور اوهان جا پاپ معاف ڪري ڇڏي.“


يوحنا کي اُٺ جي وارن جا ڪپڙا پاتل هوندا هئا ۽ چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هئس. هو ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي کائيندو هو.


اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ بيت‌عنياہ ڳوٺ ۾ ٿيون جيڪو اردن درياءَ جي اوڀر طرف آهي، جتي يوحنا بپتسما ڏيئي رهيو هو.


هوڏانهن يوحنا بہ شاليم جي ويجھو عينون ۾ بپتسما ڏيئي رهيو هو، ڇاڪاڻ تہ اتي پاڻي گھڻو هو. ماڻهو وٽس آيا پئي ۽ هن کين بپتسما پئي ڏني.


يوحنا ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر هو ۽ اوهان گھڙي پلڪ هن جي روشنيءَ ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو.


جن مٿس وشواس آندو هو تن مان ڪيترن ئي کُلي‌عام پنهنجا ڪيل بڇڙا ڪم باسيا.


تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پاپن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي ايشور جي بخشش يعني پوِتر آتما بخشي ويندي.


تنهنڪري پنهنجا پاپ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ پرارٿنا ڪريو تہ جيئن ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي پرارٿنا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ