Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:4 - Hindu Sindhi Bible

4 تنهنڪري ئي تہ يوحنا رڻ‌پٽ ۾ ظاهر ٿيو هو. هو ماڻهن کي بپتسما ڏئي پيو ۽ پرچار ڪري پيو تہ ”پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ ايشور اوهان جا پاپ معاف ڪري ڇڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 يوحنا آيو، ۽ رڻ پٽ ۾ بپتسما ڏيڻ، ۽ گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي بپتسما جي منادي ڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تنهنڪري ئي تہ يحيٰ رڻ‌پٽ ۾ ظاهر ٿيو هو. هو ماڻهن کي بپتسما ڏئي پيو ۽ منادي ڪري پيو تہ ”پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ خدا اوهان جا گناهہ معاف ڪري ڇڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 تنھنڪري ئي تہ يحيٰ رڻ⁠پٽ ۾ ظاھر ٿيو ھو. ھو ماڻھن کي بپتسما ڏئي پيو ۽ تبليغ ڪري پيو تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ خدا اوھان جا گناھہ بخشي ڇڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان پاپن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.


انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.


تڏهن يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم جا بہ تمام گھڻا ماڻهو نڪري يوحنا وٽ آيا. انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.


۽ سندس قوم کي ٻڌائيندو ويندين، تہ پنهنجن پاپن کان معافيءَ جي صورت ۾ ئي اهي مڪتي حاصل ڪري سگھن ٿا.


هوڏانهن يوحنا بہ شاليم جي ويجھو عينون ۾ بپتسما ڏيئي رهيو هو، ڇاڪاڻ تہ اتي پاڻي گھڻو هو. ماڻهو وٽس آيا پئي ۽ هن کين بپتسما پئي ڏني.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها خوشخبري سڄي يهوديہ ۾ پکڙجي ويئي، جيڪا يوحنا جي بپتسما واري پرچار کان پوءِ گليل کان شروع ٿي هئي.


تہ پوءِ دير ڇا جي؟ اُٿي ۽ سندس نالو وٺي بپتسما وٺ تہ تنهنجا پاپ ڌوپي وڃن.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ