Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:34 - Hindu Sindhi Bible

34 يسوع ڪيترن ئي بيمارن کي مختلف مرضن کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. هن ڀوتن کي ڳالهائڻ جي آگيا ئي نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ اهي يسوع کي سڃاڻن پيا تہ هو ڪير آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ ڪيترا ماڻهو جي طرح طرح جي مرضن ۾ گرفتار هئا، تن کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين، ۽ ڪيترن جا ڀوت ڪڍيائين؛ ۽ انهن ڀوتن کي ڳالهائڻ نٿي ڏنائين، جو هو کيس سڃاڻندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 عيسيٰ ڪيترن ئي بيمارن کي مختلف مرضن کان شفا ڏني ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. هن ڀوتن کي ڳالهائڻ جي اجازت ئي نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ اهي عيسيٰ کي سڃاڻن پيا تہ هو ڪير آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 عيسيٰ ڪيترن ئي مرضن جي بيمارن کي شفا ڏني ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. ھن ڀوتن کي ڳالھائڻ جي اجازت ئي نہ ڏني، ڇالاءِ⁠جو اھي عيسيٰ کي سڃاڻن پيا تہ ھو ڪير آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:34
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.


انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي يسوع ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


پر يسوع هن کي دڙڪو ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر، هن مان نڪري وڃ.“


پر يسوع انهن کي سختيءَ سان ڇينڀي تاڪيد ٿي ڪيو تہ ”مون کي ظاهر نہ ڪريو.“


ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر يسوع انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ