Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:27 - Hindu Sindhi Bible

27 تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين سکيا آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 تنهن تي اُهي سڀيئي حيران ٿي ويا، ايتري قدر جو پاڻ ۾ پڇڻ لڳا تہ هي ڇا آهي؟ هيءَ نئين تعليم آهي! هو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ٿو هلائي، ۽ اُهي کيس مڃين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين تعليم آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 تنھن تي سڀ ماڻھو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي آھي ڇا؟ ھيءَ تہ نئين تعليم آھي. ھو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ھلائي ٿو ۽ اھي کيس مڃين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:27
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ماڻهن جڏهن ڏٺو تہ گونگا ڳالهائين ٿا، ٽُنڊا سڄا ٿي پيا آهن، منڊا گھمن ٿا ۽ انڌا ڏسن ٿا، تڏهن هو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ بني اسرائيل جي ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا.


ڏسو، آءٌ بہ ڪنهن ٻئي جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان پڻ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ،‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ،‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر،‘ تہ هو ڪندو.“


جڏهن يسوع انهيءَ مان ڀوت ڪڍيو تڏهن اهو گونگو ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. اهو ڏسي خلق عجب ۾ پئجي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”اسان بني اسرائيل قوم ۾ اڳي ائين ٿيندي ڪونہ ڏٺو آهي.“


تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي خوب جھنجھوڙيو ۽ زور سان رڙ ڪندي هن مان نڪري ويو.


جلد ئي هن جي هاڪ گليل جي سڄي علائقي ۾ جتي ڪٿي پکڙجي ويئي.


هنن لفظن تي چيلا حيران ٿي ويا. سو يسوع هنن کي وري چيو تہ ”اي منهنجا ٻارؤ! ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.


يسوع ۽ سندس چيلا يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا. ان وقت هو چيلن جي اڳيان هلي رهيو هو. اوڏانهن ويندي سندس چيلا ڏاڍا پريشان هئا ۽ جيڪي ماڻهو سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنل هئا. سو هڪ دفعو وري يسوع پنهنجي ٻارهن ئي سنتن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو.


جڏهن اهي قبر جي اندر گھڙيون تہ اڇي پوشاڪ پاتل هڪ نوجوان کي ساڄي پاسي ويٺل ڏسي نهايت حيران ٿي ويون.


تنهن تي انهيءَ نوجوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوهين يسوع ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو؟ هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري جيوت ڪيو ويو آهي. ڏسو، هيءَ اها جاءِ آهي جتي سندس لاش کي آڻي رکيو هئائون.


سو جن بہ پئي ٻڌو، تن کي ڏاڍو عجب پئي لڳو ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪهڙي نہ سهڻي نموني سان هو هر هڪ ڪم ڪري ٿو، بلڪ هو تہ ٻوڙن کي ٻڌڻ جي ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.“


اهو ڏسي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ڳالهائڻ آهي، جو هو اختياريءَ ۽ شڪتيءَ سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي نڪري وڃن ٿا؟“


يسوع پنهنجي مقرر ڪيل ٻارهن سنتن کي سڏي کين هيءَ شڪتي ۽ اختياري ڏني تہ هو ماڻهن مان ڀوت ڪڍن ۽ بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪن.


سو هو کيس اريوپگس نالي هڪڙي جاءِ تي شهر جي پئنچائت وٽ وٺي آيا، جن چيس تہ ”اسان کي سمجھاءِ تہ هي ڪهڙي نئين سکيا آهي جيڪا تون ڏيئي رهيو آهين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ