Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:36 - Hindu Sindhi Bible

36 ماڻهن جي انهن ميڙن کي ڏسي يسوع جي دل ديا سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو ائين ڏکويل ۽ بي‌سهارا هئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 پر جڏهن هن ميڙاڪا ڏٺا، تڏهن مٿن رحم آيس، ڇالاءِ جو هو نڌڻڪين رڍن وانگر رليل ۽ پريشان هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 ماڻهن جي انهن ميڙن کي ڏسي عيسيٰ جي دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو ائين ڏکويل ۽ بي‌سهارا هئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 ھن جڏھن ميڙ ڏٺا تہ سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو ائين ڏکويل ۽ بي⁠سھارا ھئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ ھجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:36
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر بني اسرائيل، جيڪي ڀَٽڪيل رڍن وانگر آهن تن وٽ وڃجو.


جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لٿو تہ هن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، سو اچي انهن جي بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيائين.


تنهن تي يسوع چين تہ ”آءٌ رڳو بني اسرائيل جي ڀَٽڪيل رڍن لاءِ ئي موڪليو ويو آهيان.“


يسوع پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اهي بکيا هليا وڃن، ڇو تہ متان هي رستي تي ساڻا ٿي پون.“


جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏهن سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا. تنهنڪري هو کين گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.


”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين.


اهو اهڙو سردار ڪاهن ناهي جيڪو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو همدرد نہ ٿي سگھي، پر هو اهڙو آهي جيڪو اسان وانگر هر طرح سان آزمايو ويو، تڏهن بہ پاپي نہ رهيو.


هو جاهلن ۽ ٺڳجي ويندڙن سان نرميءَ واري هلت ڪري ٿو، ڇو تہ هو پاڻ بہ ڪمزوريءَ ۾ ڦاٿل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ