Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:29 - Hindu Sindhi Bible

29 يسوع کي ڏسڻ سان هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي ايشور جا پٽ! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ ڏسو، هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ اي ابنِ خدا، اسان جو تو سان ڪهڙو واسطو؟ تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 عيسيٰ کي ڏسڻ سان هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي خدا جا فرزند! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 عيسيٰ کي ڏسڻ سان ھو رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي ابن خدا! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آھين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:29
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو شيطان هن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ روٽيون ٿي پون.“


ويجھو ئي سوئرن جو هڪ وڏو ڌڻ چري رهيو هو،


”اي يسوع ناصري! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آهين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين. بيشڪ تون ايشور جي هڪ پوِتر هستي آهين.“


ڀوتن ورتل ماڻهن بہ جڏهن يسوع کي ڏٺو پئي تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين.“


۽ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي يسوع، مهان ايشور جا پٽ! تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ ايشور جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“


”اي يسوع ناصري! اسان سان تنهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آهين؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين. بيشڪ تون ايشور جي هڪ پوِتر هستي آهين.“


ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر يسوع انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون.


هن جڏهن يسوع کي ڏٺو تڏهن رڙيون ڪندي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳس تہ ”اي يسوع، مهان ايشور جا پٽ! مون سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“


تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”ماتا! تنهنجي انهيءَ ڳالهہ جو مون سان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آهي.“


هوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي رڙيون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”هي ماڻهو مهان ايشور جا داس آهن، جيڪي اوهان کي مڪتيءَ جو رستو ٿا ٻڌائين.“


تون چوين ٿو تہ ’آءٌ وشواس ٿو رکان تہ ايشور هڪڙو آهي.‘ ٺيڪ آهي. اها ڳالهہ تہ بريون آتمائون بہ مڃين ٿيون ۽ اهي ڏڪن بہ ٿيون.“


انهيءَ لاءِ هي مثال ڏسو تہ ايشور انهن دوتن کي بہ نہ بخشيو جن پاپ ڪيو، بلڪ کين پاتال ۾ وجھي اونداهين غارن ۾ بند ڪري ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينهن تائين قيد ۾ رهن.


اهڙيءَ طرح جن دوتن پنهنجي مليل اختيار واري حيثيت قائم نہ رکندي پنهنجي مقرر جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي ايشور ابناسي زنجيرن سان قيد ڪري فيصلي لاءِ مهان ڏينهن، يعني عدالت واري ڏينهن تائين اونداهيءَ ۾ رکيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ