Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:2 - Hindu Sindhi Bible

2 ايتري ۾ هڪڙو ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو ماڻهو يسوع وٽ آيو، جنهن سندس اڳيان سيس نوائي چيس تہ ”اي سوامي! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پوِتر ڪري سگھو ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ ڏسو، هڪڙو ڪوڙهيو وٽس آيو ۽ کيس سجدو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي خداوند، جي تنهنجي مرضي هجي تہ تون مون کي ڇُٽائي پاڪ صاف ڪري ٿو سگهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ايتري ۾ هڪڙو ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو ماڻهو عيسيٰ وٽ آيو، جنهن کيس سجدو ڪري چيس تہ ”اي سائين! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ايتري ۾ ھڪڙو ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو عيسيٰ وٽ آيو، جنھن کيس سجدو ڪري چيو تہ ”اي سائين! جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:2
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ مئلن کي جيوت ڪجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پوِتر ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.


هن اتي گھڻا چمتڪار نہ ڪيا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي مٿس وشواس ئي ڪونہ هو.


تنهن تي جيڪي بہ ٻيڙيءَ ۾ هئا تن سندس اڳيان سيس نوائيندي کيس چيو تہ ”بيشڪ تون ايشور جو پٽ آهين.“


تنهن هوندي بہ هوءَ اچي پهتي ۽ يسوع جي پيرن تي ڪري کيس چيائين تہ ”اي سوامي! منهنجي مدد ڪريو.“


تنهن تي نوڪر پنهنجي مالڪ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ وينتي ڪيائينس تہ ’مون کي مهلت ڏيو. آءٌ اوهان جو سمورو قرض ادا ڪندس.‘


هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماتا مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي سندس اڳيان سيس نوايائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.


تڏهن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا جي ماتا پنهنجي ٻنهي پٽن سميت يسوع وٽ آئي ۽ سندس پيرن تي ڪري وينتي ڪرڻ لڳي.


يسوع بيت‌عنياہ ۾ ڪوڙهہ جهڙي مرض واري شمعون جي گھر ۾ موجود هو.


اتي جڏهن انهن يسوع کي ڏٺو تہ هن جي اڳيان سيس نوايائون، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ هو.


تہ اوچتو ئي يسوع انهن سان مليو ۽ چيائين تہ ”نمسڪار.“ تڏهن انهن اڳتي وڌي سندس پيرن تي ڪري هن آڏو سيس نوايو.


۽ چيائينس تہ ”آءٌ تو کي هي سڀ شيون ڏيندس، جيڪڏهن تون هيٺ نِوڙي مون اڳيان سيس نوائيندين.“


جڏهن يسوع ٽڪر تان هيٺ لٿو تہ وڏو ميڙ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.


تڏهن چيلن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي گرو! جلدي ڪر بچاءِ! اسين ٻڏڻ تي آهيون.“


جڏهن يسوع انهن کي هي چئي رهيو هو تڏهن يهودين جي ڀڳتيءَ واري مقامي جاءِ جو هڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سيس نوائي چيائينس تہ ”هينئر ئي منهنجي ڌيءَ مُئي آهي، پر اوهين هلي هٿ لائيندؤس تہ هوءَ جيوت ٿي پوندي.“


ساڳيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنت اليشع جي ڏينهن ۾ اسرائيل ملڪ ۾ ڪيترائي ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا هئا، پر انهن مان ڪنهن کي بہ ڇٽائي چڱو ڀلو نہ ڪيو ويو، بلڪ رڳو شام ملڪ جي رهندڙ نعمان کي ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ويو.“


تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”اي پرڀو! آءٌ وشواس آڻيان ٿو.“ ائين چئي هن سندس اڳيان سيس نوايو.


پر پطرس چيو تہ ”اي سوامي! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا اپوِتر شيءِ ڪانہ کاڌي آهي.“


جڏهن پطرس اندر گھڙڻ لڳو تہ ڪُرنيليس اچي ساڻس مليو ۽ سندس پيرن تي ڪري سيس نوايائين.


سندس دل جون لڪل ڳالهيون ظاهر ٿي پونديون ۽ هو منهن ڀر ڪري ايشور آڏو سيس نوائيندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ ايشور اوهان منجھہ موجود آهي.“


تڏهن آءٌ هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ يسوع بابت شاهدي ئي ايشور جي سنديش جو نچوڙ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ