Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:16 - Hindu Sindhi Bible

16 جڏهن سانجھي ٿي تہ ماڻهو يسوع وٽ ڪيترن ئي ڀوتن ورتلن کي وٺي آيا. هن هڪڙي حڪم سان ئي انهن ڀوتن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي پڻ چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن گهڻن ئي کي وٽس وٺي آيا جن ۾ ڀوت هئا، ۽ هن هڪڙي حرف سان اُهي ڀوت ڪڍيا، ۽ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جڏهن سانجھي ٿي تہ ماڻهو عيسيٰ وٽ ڪيترن ئي ڀوتن ورتلن کي وٺي آيا. هن هڪڙي حڪم سان ئي انهن ڀوتن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي پڻ چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 جڏھن سانجھي ٿي تہ ماڻھو عيسيٰ وٽ ڪيترن ئي ڀوتن ورتلن کي وٺي آيا. ھن ھڪڙي لفظ سان انھن ڀوتن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ سڀني بيمارن کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يسوع وٽ هڪڙو ماڻهو آندو ويو جيڪو انڌو هو ۽ ڳالهائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ ڀوت هو. يسوع ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو، تڏهن هو ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.


جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لٿو تہ هن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، سو اچي انهن جي بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيائين.


يسوع سندس هٿ کي پڪڙيو تہ سندس بخار لهي ويو. تڏهن هوءَ اُٿي کڙي ٿي ۽ سندس سيوا ڪرڻ لڳي.


ڌڻ چارڻ وارا اهو ڏسي شهر ڏانهن ڀڳا ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن جو سمورو احوال ڪري ٻڌايائون.


ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. يسوع هنن جو ايڏو وشواس ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“


تہ ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگيءَ شخص کي چئن ماڻهن هٿان کٽولي تي کڻائي ڏانهس آيا.


هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو يسوع کيس انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري وڃڻ لاءِ پئي چيو.


يسوع ڏٺو تہ ميڙ ڀيڙ ڪندو ٿو اچي، سو ڀوت کي حڪم ڏنائين تہ ”اي ٻوڙو ۽ گونگو ڪرڻ وارا ڀوت! آءٌ تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ ڇوڪري مان هڪدم نڪري وڃ ۽ وري ڪڏهن بہ موٽي نہ اچجانءِ.“


يسوع جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاڻ وٽ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو هاڻي پنهنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“


سج لهڻ مهل ماڻهو انهن سڀني مريضن کي يسوع وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين ۾ ورتل هئا. يسوع انهن مان هر هڪ کي پنهنجو هٿ لاتو تہ اهي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا.


ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر يسوع انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون.


سنتن جا چمتڪار ڏسي ماڻهو بيمارن کي گھٽين ۾ آڻي کٽولن ۽ تڏن تي رکڻ لڳا تہ جڏهن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انهن مان ڪن تي پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ