Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:11 - Hindu Sindhi Bible

11 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوڀر ۽ اولهہ کان ڪيترائي غير قومن وارا ايندا ۽ ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب سان گڏ آڪاش جي راڄ ۾ رسوئي کائڻ ويهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻا اُڀرندي ۽ اُلهندي کان ايندا، ۽ آسمان جي بادشاهت ۾ ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب سان گڏ اچي ويهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوڀر ۽ اولهہ کان ڪيترائي غير قومن وارا ايندا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان گڏ آسمان جي بادشاهيءَ ۾ دسترخوان تي ويهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 آءٌ اوھان کي ٻڌايان تہ ڪيترائي اڀرندي ۽ الھندي کان ايندا ۽ آسمان واري بادشاھت ۾ ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب سان اچي دسترخوان تي گڏ ويھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:11
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن وراڻيو تہ ”هو ضرور انهن بڇڙن ماڻهن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين جي حوالي ڪندو، جيڪي ميوي لهڻ وقت کيس سندس ڀاڱو ڏين.“


تڏهن وڏي آواز سان توتاري جي وڄندي ئي هو پنهنجي دوتن کي هر طرف موڪليندو، جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين ايشور جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.“


”توبهہ ڪريو جو آڪاش جو راڄ ويجھو آيو آهي.“


يسوع اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن جهڙو وشواس مون کي بني اسرائيل قوم جي ڪنهن بہ شخص ۾ نظر نہ آيو.


سڀاڳا آهن اهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ هو سندرو ٻڌي بيهندو ۽ کين کارائڻ لاءِ پنهنجي سر پاڻ بيهي سندن سيوا ڪندو.


پوءِ جڏهن اهو غريب ماڻهو مري ويو تہ دوتن کڻي وڃي کيس سُرڳ ۾ ابرهام جي پاسي ۾ ويهاريو. هوڏانهن شاهوڪار ماڻهو بہ مري ويو ۽ کيس دفن ڪيو ويو.


مسيح تي وشواس رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ ايشور جي مهما ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ ايشور پنهنجي بخشش، يعني پوِتر آتما غير قومن تي بہ پرگھٽ ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ


جڏهن انهن هي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ ايشور جي مهما ڪندي چيائون تہ ”واہ! ايشور غير قومن کي بہ جيون حاصل ڪرڻ لاءِ توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.“


هنن هر هنڌ پرڀوءَ جي پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو وشواس تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“


اتي پهچي هنن منڊليءَ جي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن ايشور هنن جي مدد ڪئي ۽ ڪهڙيءَ طرح ايشور غير قومن جي لاءِ وشواس جو دروازو کولي ڇڏيو.


پر حقيقت اها آهي تہ مسيح مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي، جيڪو سڀني مري ويلن مان پهريون ڦل آهي.


اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ناانصافي ڪندڙ ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار نہ ٿيندا؟ سو پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ حرامڪار، بتن جا پوجاري، زناڪار، بدفعلي ڪرائيندڙ، لونڊي‌باز،


اهو ڀيد هي آهي تہ يسوع مسيح ۾ غير قومن وارا بہ بني اسرائيل سان گڏ خوشخبريءَ جي وسيلي ايشور جي ميراث ۾ شريڪ آهن، هڪ ئي شرير جا عضوا آهن ۽ ايشور جي وچن ۾ حصيدار آهن.


نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو ختنو ڪيل آهي نہ وري ختنو نہ ڪيل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.


انهيءَ مان ثابت ٿو ٿئي تہ ايشور جي عدالت سچي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اوهين ايشور جي راڄ جي لائق قرار ڏنا ويا آهيو، جنهن لاءِ اوهين تڪليفون بہ پيا سهو.


آشر جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، نفتاليءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، منسيءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ