Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:10 - Hindu Sindhi Bible

10 يسوع اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن جهڙو وشواس مون کي بني اسرائيل قوم جي ڪنهن بہ شخص ۾ نظر نہ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 جڏهن يسوع هي ٻڌو تڏهن عجب لڳس، ۽ جيڪي پٺيان ٿي آيس تن کي چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هيڏو ايمان مون ڪونہ ڏٺو آهي، بلڪ اسرائيل ۾ بہ نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 عيسيٰ اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن جهڙو ايمان مون کي بني اسرائيل قوم جي ڪنهن بہ شخص ۾ نظر نہ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 عيسيٰ اھو ٻڌي ھن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي سندس پٺيان آيا پئي تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ مون کي ھن جھڙو ايمان بني اسرائيل ۾ ڪنھن ۾ بہ نظر نہ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:10
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي يسوع چيس تہ ”اي مائي! تون تہ وڏو وشواس رکين ٿي. تون جيڪو گھرين ٿي سو ئي تو لاءِ ٿئي.“ انهيءَ وقت ئي سندس ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوڀر ۽ اولهہ کان ڪيترائي غير قومن وارا ايندا ۽ ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب سان گڏ آڪاش جي راڄ ۾ رسوئي کائڻ ويهندا.


ڏسو، آءٌ بہ ڪنهن ٻئي جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان پڻ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ،‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ،‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر،‘ تہ هو ڪندو.“


يسوع انهن جو ايڏو وشواس ڏسي بيمار کي چيو تہ ”ميان! تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“


يسوع انهيءَ ناريءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”تنهنجي وشواس تو کي بچايو آهي. سو هاڻي دلجاءِ سان هلي وڃ.“


يسوع اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانهن منهن ورائي کين چيائين تہ ”مون ايڏو وشواس بني اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو آهي.“


انهن کي حيرت وٺي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي چوڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو جيڪي ائين ٿا ڳالهائين، ڇا اهي سڀ گليلي نہ آهن؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ