Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:6 - Hindu Sindhi Bible

6 اوهين پوِتر شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 جيڪي پاڪ آهي سو ڪتن کي نہ ڏيو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن جي اڳيان اُڇلائي وجهو، تہ متان هو اُنهن کي پنهنجن پيرن هيٺ لتاڙين ۽ ڦري اچي اوهان کي ڏارين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اوهين پاڪ شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پاڪ شيون ڪتن ڏانھن نہ اڇلايو ۽ موتي سوئرن اڳيان ڦٽا نہ ڪريو. اھي تہ رڳو انھن کي لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوھان کي ڏاڙھيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:6
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع چيس تہ ”اهو واجب نہ آهي جو ٻارن جي روٽي کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“


ان وقت گھڻا ئي ڀَٽڪي ويندا، هڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ هڪٻئي سان دشمني ڪندا.


اي پاکنڊيؤ! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو تہ پوءِ اوهين انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.


آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رهيو آهيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنهنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شهر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن وشواسين جي خطرن ۾.


ڪتن کان خبردار رهو، يعني انهن ماڻهن کان جيڪي برائي ٿا ڪن ۽ شرير کي وڍائڻ يعني ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن.


تڏهن غور ڪريو تہ اهو شخص ڪيڏي نہ وڏي سزا جي لائق ٿيندو، جنهن ايشور جي پٽ کي پيرن هيٺ لتاڙيو، ٻڌل وچن جي انهيءَ رت کي ڪين جهڙو سمجھيو جنهن سان کيس مخصوص ۽ پوِتر ڪيو ويو هو ۽ ڪرپا بخشيندڙ آتما جو اپمان ڪيائين!


پر ان جي باوجود بہ اهي يسوع مسيح کان منهن موڙي ويا آهن، تن ماڻهن کي ٻيهر توبهہ ڏانهن مائل ڪرڻ ناممڪن آهي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي پنهنجي اهڙي رويي سان ڄڻ تہ ايشور جي پٽ کي ٻيهر سوليءَ تي چاڙهي کُليو کُلايو هن جو اپمان ٿا ڪن.


انهن تي هيءَ سچي چوڻي ٺهڪي ٿي تہ ”ڪتو الٽي ڪري وري انهيءَ ڏانهن ٿو موٽي“ ۽ هيءَ چوڻي بہ ٺهڪي ٿي تہ ”اشنان ڪيل سوئرڻي وري وڃيو گپ ۾ ليٿڙي.“


پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بتن جا پوجاري، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ