Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:29 - Hindu Sindhi Bible

29 ڇاڪاڻ تہ هن نيم شاسترين وانگر نہ، بلڪ ائين پئي سکيا ڏني جيئن ڪو اختيار وارو ڳالهائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ڇالاءِ جو هن ائين ٿي سيکاريو جيئن ڪو اختيار وارو سيکاري، ۽ نہ سندن فقيهن وانگر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 ڇاڪاڻ تہ هن شريعت جي عالمن وانگر نہ، بلڪ ائين پئي تعليم ڏني جيئن ڪو اختيار وارو ڳالهائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 ڇالاءِ⁠جو ھن شريعت جي عالمن وانگر نہ ٿي سيکاريو، پر ائين پئي سيکاريائين جيئن ڪو اختياريءَ وارو سيکاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:29
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع چيلن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي ڌرتيءَ ۽ آڪاش تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيستائين اوهان جي نيڪي نيم شاسترين ۽ فريسين جي نيڪيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تيستائين اوهين ڪنهن بہ طرح آڪاش جي راڄ ۾ داخل ٿي نہ سگھندا.“


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن ناريءَ ڏانهن بري نظر سان ٿو ڏسي، سو پنهنجي دل ۾ ان ناريءَ سان زنا ڪري چڪو.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بہ پنهنجي پتنيءَ کي زنا جي ڏوهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو هن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ پوءِ جيڪو انهيءَ طلاق ڏنل ناريءَ سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان بہ پيار ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ستائين تن لاءِ پرارٿنا ڪريو،


جڏهن يسوع هي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن اتي موجود سڄي خلق سندس سکيا تي حيران ٿي ويئي،


جڏهن يسوع ٽڪر تان هيٺ لٿو تہ وڏو ميڙ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.


تنهن تي يسوع چين تہ ”پوءِ آءٌ بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ٿو ڪريان.“


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو.


پر پوِتر آتما استيفنس کي اهڙي سياڻپ ڏني جو جڏهن هن ڳالهايو تہ اهي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ