Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:25 - Hindu Sindhi Bible

25 جيتوڻيڪ مينهن ان گھر تي ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تڏهن بہ اهو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ٽڪر تي اڏيل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 پوءِ مينهن اچي پيو، ۽ ليٽون آيون، ۽ واءُ لڳا، ۽ اُنهيءَ گهر تي اچي سٽڪا ڪيائون؛ پر اُهو ڪِريو ئي ڪين: ڇالاءِ جو اُنهي جو بنياد ٽڪر تي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 جيتوڻيڪ مينهن ان گھر تي ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تڏهن بہ اهو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ٽڪر تي اڏيل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 جيتوڻيڪ مينھن ان تي لاٽان ڪيون، درياءَ ٻوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس پر اھو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ٽڪر تي اڏيل ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:25
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي اهو بہ چوان ٿو تہ تون ٽڪر آهين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنهنجي منڊلي اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي حاوي ٿيندي.


”تنهنڪري جيڪو بہ منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل ڪري ٿو سو اهڙي سياڻي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پنهنجو گھر ٽڪر تي اڏايو هجي.


پر جيڪو بہ ماڻهو منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، سو اهڙي مورک مثل آهي جنهن پنهنجو گھر واريءَ تي اڏايو هجي.


ان گھر تي مينهن ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تہ گھر ڪري پيو ۽ تباهہ ٿي ويو.“


هنن هر هنڌ پرڀوءَ جي پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو وشواس تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“


۽ وشواس رکڻ جي وسيلي مسيح اوهان جي دلين ۾ گھر ڪري. اها پرارٿنا آءٌ انهيءَ ڪري ڪريان ٿو تہ جيئن اوهين پريم ۾ پاڙ ڄمائي انهيءَ جي بنياد تي جيون گذاريو.


هائو، مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنهنجو جيون اڏيندا وڃو. جيئن اوهان کي سکيا ملي آهي، تيئن وشواس ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو.


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃڻ تي کيس سوڀ جو تاج، يعني اهو جيون حاصل ٿيندو جنهن جو وچن ايشور پاڻ سان پريم رکڻ وارن سان ڪيو آهي.


اوهين ايشور جي شڪتيءَ سان وشواس جي وسيلي سنڀال هيٺ آهيو، ايستائين جو اها مڪمل مڪتي حاصل ڪريو جيڪا انتم ڏينهن تي ظاهر ٿيڻ لاءِ تيار آهي.


انهن آزمائشن جو مقصد اهو آهي تہ اوهان جو وشواس خالص ثابت ٿئي. ڏسو، جيئن باهہ سون کي خالص بڻائي ٿي ڇڏي تيئن اوهان جو وشواس بہ آزمايو وڃي ٿو، جڏهن تہ اهو ناس ٿيندڙ سون کان گھڻو قيمتي آهي. ايشور چاهي ٿو تہ اوهين يسوع مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت ساراهہ، شان وَ شوڪت ۽ مان‌سمان جي لائق قرار ڏنا وڃو.


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ