Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:2 - Hindu Sindhi Bible

2 ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح ايشور بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح خدا بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ڇالاءِ⁠جو جيئن اوھين ٻين کي ڏوھي ٺھرائيندا، تيئن اھي بہ اوھان کي ڏوھي ٺھرائيندا ۽ جيئن ٻين کي اوھين ماپي ڏيندا، تيئن ساڳئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو جيڪڏهن اوهين ماڻهن کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندا تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا بہ اوهان کي پنهنجا ڏوهہ معاف ڪندو.


يسوع اهو بہ چين تہ ”اوهين انهن ڳالهين کي ڌيان ۾ رکو جيڪي مون کان ٻڌو ٿا، ڇاڪاڻ تہ جهڙي ماپي سان اوهين ماپي ڏيندا تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو، بلڪ ان کان بہ وڌيڪ ملندو.


ٻين کي ڏيندا رهو تہ ايشور کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، ايشور کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“


ياد رکو، جيڪو ٿورو ٻج ٿو پوکي سو لڻندو بہ ٿورو ۽ جيڪو گھڻو ٿو پوکي سو لڻندو بہ گھڻو.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي ديا نہ ڪئي، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن ديا ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي ديا ڪرڻ جي ڳالهہ حاوي پوندي.


اي بدلو وٺڻ وارؤ! جهڙو سلوڪ بابل ٻين سان ڪيو، تهڙو اوهين بہ هن سان ڪريو. جيڪا بڇڙائي هن ڪئي آهي، تنهن جو کيس ٻيڻو بدلو ڏيو. هائو، جيڪو پيالو هن ٻين لاءِ تيار ڪيو آهي، تنهن پيالي کي ٻيڻو گھاٽو ڪري کيس ڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ