Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:11 - Hindu Sindhi Bible

11 جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا ڪيتريون نہ وڌيڪ چڱيون شيون اوهان کي ڏيندو جيڪي اوهين کانئس گھرندا!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تنهنڪري اوهين جي بڇڙا آهيو سي جڏهن پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيئي ٿا ڄاڻو، تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو جيڪي کانئس گهرن ٿا، تن کي ڪيترو نہ وڌيڪ چڱيون شيون ڏيندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ ڪيتريون نہ وڌيڪ چڱيون شيون اوهان کي ڏيندو جيڪي اوهين کانئس گھرندا!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙي ھئڻ جي پنھنجن ٻارن کي سٺيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيتريون نہ وڌيڪ سٺيون شيون انھن کي ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:11
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح اوهين هن سنسار ۾ ڪنهن کي بہ پتا نہ سڏيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو هڪڙو ئي پتا آهي جيڪو آڪاش تي آهي.


ڏسو، ايشور سنسار سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي پٽ ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس امر جيون ملي.


پوءِ هيءَ لکت ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور جي نيم ۾ جيڪي بہ فرمايل آهي سو انهن لاءِ فرمايل آهي جيڪي انهيءَ نيم جا پابند آهن، تہ جيئن سڄي سنسار سان گڏ انهن مان بہ ڪنهن کي بهاني جي ڪا گنجائش نہ رهي، بلڪ سڄي انسانذات ايشور آڏو پاپي قرار ڏني وڃي.


پوءِ ڀلا، اسين يهودي ڪنهن بہ نموني ٻين قومن کان بهتر آهيون ڇا؟ نہ، هرگز نہ. هن بحث دوران اسين اڳ ئي مڃي چڪا آهيون تہ يهودي توڙي غير يهودي سڀيئي هڪجهڙا پاپ جي قبضي ۾ آهن،


هن تہ پنهنجو پٽ بہ اسان کان پري نہ رکيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. پوءِ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هو انهيءَ سان گڏ اسان کي نہ ڏيندو؟


پر پوِتر شاستر ظاهر ڪري ٿو تہ سڄو سنسار پاپ جي قبضي ۾ آهي. اهو انهيءَ لاءِ ظاهر ڪري ٿو تہ جيئن ان قبضي کان آزاديءَ وارو ايشور جو وچن يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان اسان ۾ پورو ٿئي.


هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ ايشور پتا جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آڪاش مان روشني ڏيندڙ شين جو پيدا ڪندڙ آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.


ڏسو، ايشور پتا جو اسان سان ڪيڏو نہ پيار آهي! ايتري قدر جو اسين سندس ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آهيون بہ. پر سنسار وارا اسان کي نہ ٿا ڄاڻين، ڇاڪاڻ تہ هنن ايشور کي بہ نہ ڄاتو.


پيار اهو نہ آهي تہ اسين ايشور سان پيار ڪريون ٿا، پر هي آهي تہ ايشور اسان سان پيار ڪندي پنهنجي پٽ کي اسان جي پاپن جو ڪفارو ڏيڻ واري ٻليدان طور موڪليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ