Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:1 - Hindu Sindhi Bible

1 ”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ ايشور بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 عيب جوئي نہ ڪريو، تہ اوهان جي بہ عيب جوئي نہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ خدا بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ”ٻين کي ڏوھي نہ ٺھرايو تہ اوھان کي بہ ڏوھي نہ ٺھرايو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح ايشور بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.


اي پاکنڊيؤ! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو تہ پوءِ اوهين انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.


”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ ايشور بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙيندو. ٻين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو تہ ايشور بہ اوهان کي ڏوهي قرار نہ ڏيندو. ٻين کي معاف ڪريو تہ ايشور بہ اوهان کي معاف ڪندو.


ڇو ٿا ڪنهن وشواسي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو اوهان کي ڪوبہ خيال نہ آهي؟


جڏهن هو کانئس بار بار پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوهان مان جنهن ڪڏهن بہ ڪو پاپ نہ ڪيو هجي، سو پهريائين هن ناريءَ کي پٿر هڻي.“


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان مان گھڻا سکيا ڏيندڙ ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي سکيا ڏيندڙ آهيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ڪئي ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ