Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:32 - Hindu Sindhi Bible

32 غير وشواسي انهن شين جي ڳولا ۾ هوندا آهن، جڏهن تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي هي سڀ شيون گھرجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ڇالاءِ جو غير قومن وارا انهن سڀني جا ڳولائو آهن؛ ۽ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن کي خبر آهي تہ اوهان کي انهن سڀني شين جي گهرج آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 غير ايمان وارا انهن شين جي ڳولا ۾ هوندا آهن، جڏهن تہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي هي سڀ شيون گھرجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 غير قومون ئي تہ انھن شين جون ڳولائو ھونديون آھن. اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڄاڻي ٿو تہ اوھان کي ھي سڀ شيون گھرجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو انهن وانگر نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو پتا اوهان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي ڇا گھرجي.


بيشڪ سنسار جون قومون انهن سڀني شين جي ڳولا ۾ هونديون آهن. پر اوهان جو پتا ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي ڪهڙين شين جي ضرورت آهي.


جيئن تہ اسين پرڀو يسوع جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب جيون نہ گذاريو.


ائين منهنجو ايشور پنهنجي جھجھي خزاني مطابق يسوع مسيح جي وسيلي اوهان جي هر هڪ ضرورت کي پورو ڪندو.


يعني انهن قومن وانگر پنهنجو جيون شهوت‌پرستيءَ ۾ نہ گذاري، جيڪي ايشور کي نہ ٿيون ڄاڻين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ