Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:27 - Hindu Sindhi Bible

27 ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتيون ڪرڻ سان پنهنجي جيون جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھي ٿو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 اوهان مان ڪير فڪر ڪرڻ سان پنهنجو قد هڪڙو هٿ وڌائي سگهندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتيون ڪرڻ سان پنهنجي حياتيءَ جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھي ٿو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 ڇا اوھان مان ڪو ڳڻتين سان ھڪڙو منٽ بہ حياتيءَ جو وڌائي سگھندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:27
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ نہ وري پنهنجي سر جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اوهين هڪ وار بہ ڪارو يا اڇو ڪري نہ ٿا سگھو.


تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’اسين ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين؟‘ ۽ نہ پنهنجي شرير لاءِ تہ ’اسين ڇا پهرينداسين؟‘ ڇا جان کاڌي کان ۽ شرير ڪپڙن کان وڌيڪ اهم نہ آهي؟


اوهين ڪپڙن لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ جھنگ ۾ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن.


سو اوهين ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين؟‘ يا ’ڇا پيئنداسين؟‘ يا ’ڇا پهرينداسين؟‘


سو اوهين سڀاڻي جي ڳڻتي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي جو ڏينهن پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ڳڻتي ڪندو. اڄ جي لاءِ اڄ جو ڏک ئي ڪافي آهي.“


پر پرڀوءَ وراڻيس تہ ”مارٿا! اي مارٿا! تون گھڻين ڳالهين جي چنتا ۽ پريشانيءَ ۾ آهين،


جڏهن بہ ماڻهو اوهان کي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ يا حاڪمن ۽ اعليٰ عملدارن جي اڳيان پيش ڪن، تڏهن ڳڻتي نہ ڪجو تہ ’ڪيئن ۽ ڪهڙو جواب ڏيون‘ يا ’ڇا چئون،‘


پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنهنجي شرير لاءِ تہ ’ڇا پهرينداسين،‘


حقيقت ۾ ايشور هر هڪ عضوي کي شرير ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آهي.


سو ڪنهن بہ ڳالهہ جي چنتا نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجيون وينتيون اوهين پرارٿنا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي ايشور جي شرڻ ۾ پيش ڪندا رهو.


ائين ڪندي پنهنجيون سموريون ڳڻتيون انهيءَ تي رکو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان جي چنتا آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ