Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:2 - Hindu Sindhi Bible

2 تنهنڪري جڏهن اوهين ڪنهن کي دان ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن پاکنڊي ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ بازارن ۾ ڪندا آهن. اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا آهن تہ جيئن ماڻهو انهن جي ساراهہ ڪن. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تنهنڪري جڏهن تون خيرات ڪرين، تڏهن پنهنجي اڳيان توتاري نہ وڄاءِ، جهڙيءَ طرح ڪ رياڪار ماڻهو عبادتگاهن ۽ گهٽين ۾ ڪندا آهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو سندن تعريف ڪن. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تنهنڪري جڏهن اوهين ڪنهن کي خيرات ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن رياڪار عبادت‌خانن ۽ بازارن ۾ ڪندا آهن. اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا آهن تہ جيئن ماڻهو انهن جي ساراهہ ڪن. پر آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو اجر ملي چڪو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 تنھنڪري جڏھن اوھين ڪنھن کي خيرات ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن رياڪار عبادت⁠خانن ۽ بازارن ۾ ڪندا آھن. اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا آھن تہ جيئن ماڻھو انھن جي ساراھہ ڪن. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:2
56 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي پاکنڊيؤ! بيشڪ ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت اوهان بابت ڪيتري قدر نہ صحيح فرمايو آهي تہ


۽ جڏهن صبح جو آڪاش ڳاڙهو ۽ جھڙالو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ ’اڄ مينهن پوندو.‘ اوهان کي آڪاش جي نشانين جي تہ سڌ پوي ٿي پر هلندڙ وقت جي نشانين جي سڌ نہ ٿي پئيوَ.


يسوع انهن جي بري نيت کي ڄاڻي ورتو، تنهنڪري چيائين تہ ”اي پاکنڊيؤ! اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟


هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا سو رڳو ڏيکاءَ لاءِ ٿا ڪن. انهيءَ لاءِ هو آيتن سان ڀريل وڏيون وڏيون پٽيون نرڙ ۽ ٻانهن تي ٻڌن ٿا ۽ جبن تي وڏا وڏا جھالردار ڦُندڻ بہ لڳائين ٿا.


هو دعوتن توڙي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا.


پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ پاکنڊين ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس. تڏهن هو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندو.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڌرتي ۽ آڪاش باقي آهن، تيستائين ايشور جي نيم جو هڪڙو اکر يا ان جو ڪو نقطو بہ رد نہ ٿيندو، تان جو سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿي نہ وڃن.


”جڏهن اوهين وِرت رکو تہ پاکنڊين وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهن لٿل جو ڏيکاءُ انهيءَ لاءِ ٿا ڪن، تہ جيئن ماڻهو ڏسن تہ هنن وِرت رکيو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو آهي.


جڏهن اوهين دان ڏيو تہ اوهان جي کاٻي هٿ کي اها سڌ نہ پوي تہ ساڄو هٿ ڇا ٿو ڪري،


”جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تڏهن پاکنڊين وانگر نہ ٿيو. اهي ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ رستن جي چونڪن تي بيهي پرارٿنا ڪندا آهن تہ جيئن هر هڪ انهن کي ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو.


اي پاکنڊيؤ! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو تہ پوءِ اوهين انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.


هو ڀڳتيءَ وارين جاين توڙي دعوتن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا.


تنهن تي يسوع چين تہ ”ايشور اوهان پاکنڊين بابت يسعياہ سنت جي معرفت ڪيترو نہ صحيح فرمايو آهي تہ ’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي مان ڏين ٿا، پر دل سان نہ ٿا چاهين.


پر هائو، جيڪو ڪجھہ اوهان جي وٽين ۽ ٿالهين ۾ آهي سو غريبن ۾ دان ڪندا تہ اوهان لاءِ سڀ ڪجھہ پوِتر ٿي پوندو.


اي فريسيؤ! مصيبت آهي اوهان لاءِ، جو اوهين ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ اعليٰ درجي جي جاين تي ويهڻ ۽ بازارن ۾ ماڻهن جا نمسڪار پسند ڪريو ٿا.


سو جيڪي اٿوَ سو وڪڻي غريبن کي دان ۾ ڏيو ۽ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني ايشور وٽ پنهنجي لاءِ اهڙو خزانو گڏ ڪريو جيڪو کُٽي ئي نہ، جنهن کي نہ چور ويجھو اچي ۽ نہ ڪينئون ٽُڪي خراب ڪريس،


اي پاکنڊيؤ! اوهين ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا رخ تہ سڃاڻي ٿا وٺو، پوءِ هن وقت جيڪي ڪجھہ اوهان منجھہ ڪيو وڃي ٿو تنهن کي ڇو نہ ٿا سڃاڻو؟


پرڀوءَ وراڻي ڏيندي چيو تہ ”اي پاکنڊيؤ! سبت جي ڏينهن هر ڪو پنهنجي ڏاند يا گڏهہ کي وٿاڻ مان ڇوڙي پاڻي پيارڻ لاءِ نہ وٺي ويندو آهي ڇا؟


”نيم شاسترين کان هوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اهي چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن. اهي ڀڳتيءَ وارين جاين توڙي دعوتن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا.


پر مصيبت آهي اوهان لاءِ، جيڪي هاڻي دولتمند آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين آرام وٺي چڪا.


اوهين ڪيئن ان کي چوندا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، تنهن کي نہ ٿا ڏسو. اي پاکنڊيو! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو، تڏهن اوهين پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.“


ڪن ائين پئي سمجھيو تہ جيئن تہ يهوداہ وٽ پئسن جي ڳوٿري رهندي آهي، تنهنڪري يسوع چويس ٿو تہ ”تهوار جي لاءِ جيڪي شيون وٺڻيون اٿيئي سي وٺ،“ يا وري ”ڪجھہ غريبن کي ڏي.“


مون کي ضرورت نہ آهي تہ ماڻهو منهنجو مان ڪن،


اوهين جيڪي هڪٻئي کان مان ڪرائڻ گھرو ٿا، پر جيڪو مان هڪڙي ايشور جي طرفان ملي ٿو تنهن جي لاءِ ڪوشش ئي نہ ٿا ڪريو، سي ڪيئن مون کي قبول ڪري سگھو ٿا؟


جيڪو ماڻهو پنهنجي طرفان ڪجھہ چوندو آهي سو چاهيندو آهي تہ سندس ئي مان ٿئي. پر جيڪو چاهي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جو مان ٿئي سو ئي سچو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آهي.


هو ۽ هن جو سڄو ڪٽنب ڌرمچاري ۽ ايشور جو خوف رکندڙ هو. غريب يهودين جي هو ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ هر وقت ايشور کي پيو پرارٿنا ڪندو هو.


هن مون کي چيو تہ ’اي ڪُرنيليس! ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ٻڌيون آهن ۽ تنهنجا دان قبول ڪيا ويا آهن.


هن دوت ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سوامي؟“ دوت چيس تہ ”ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ۽ دان قبول ڪيا آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.


اها اڳڪٿي ٻڌي وشواسين مان هر هڪ اهو ارادو ڪيو تہ يهوديہ ۾ رهندڙ وشواسي ڀائرن ڀينرن جي مدد لاءِ پنهنجي مالي حيثيت آڌار ڪجھہ موڪلين.


آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ آيس، تہ جيئن پنهنجي قوم ۾ ڪجھہ دان اچي ڪريان ۽ ايشور آڏو ٻليدان پيش ڪريان.


يافا ۾ مسيح تي وشواس رکندڙ هڪڙي ناري رهندي هئي، جنهن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس هو. هوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ دان پُڃ ڪندي هئي.


جيڪڏهن اهو وردان نصيحت ڪرڻ جو هجي تہ هو نصيحت ڪندو رهي، جيڪڏهن امداد ڏيڻ جو هجي تہ سخاوت سان امداد ڏيندو رهي. جيڪڏهن اهو رهنمائي ڪرڻ جو هجي تہ سرگرميءَ سان رهنمائي ڪري يا جيڪڏهن اهو وردان ديا ڪرڻ جو هجي تہ خوشيءَ سان ديا ڪري.


جيڪڏهن آءٌ پنهنجو سڀ مال ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏيان، بلڪ پنهنجي جان بہ جوکي ۾ وجھان، پر مون ۾ پريم نہ آهي، تہ انهيءَ مان مون کي ڪو فائدو ڪونہ ٿيندو.


هنن رڳو ايترو چيو تہ ”غريبن کي ياد رکجو.“ پر انهيءَ ڪم لاءِ تہ آءٌ اڳي ئي سرگرم هئس.


چوري ڪرڻ وارو اڳتي چوري نہ ڪري، پر اٽلندو ڪو چڱو ڪم اختيار ڪندي پنهنجي هٿن سان محنت ڪري، تہ جيئن ڪنهن ضرورتمند کي ڏيڻ لاءِ بہ وٽس ڪجھہ هجي.


اسان ماڻهن کان پنهنجي ساراهہ ڪرائڻ بہ نہ گھري، نہ اوهان کان، نہ ڪنهن ٻئي کان، جيتوڻيڪ مسيح جا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت هئڻ جي حيثيت ۾ اسين اوهان تي هر طرح جو بار وجھي ٿي سگھياسين.


انهن کي نصيحت ڪر تہ نيڪي ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ دولتمند ٿين، سخي ٿين ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهن.


اي ڀاءُ! تنهنجي پيار مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آهي، ڇاڪاڻ تہ تو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي دلين کي تازگي ڏني آهي.


ان سان گڏوگڏ اوهين ڀلائي ڪرڻ ۽ مليل آسيسن ۾ ٻين کي شريڪ ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ٻليدان ايشور کي پسند آهن.


مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُپديش ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو ايشور جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو سيوا ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا ايشور کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي ايشور جي مهما ٿئي. شل سندس مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ